سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي گڏجاڻي, تنقيدي ۽ اصلاحي ڪلاسن جي واکاڻ ڪئي وئي

گڏجاڻي ۾ مختيار مگسي جي ميمبر طور منظوري به ڏني وئي

سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي گڏجاڻي, تنقيدي ۽ اصلاحي ڪلاسن جي واکاڻ ڪئي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿيو جنهن ۾ سينيئر ۽ نوجوان شاعرن، اديبن ۽ ادب دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران نوجوان شاعر مختيار مگسي صدارتي راءِ ڏيندي سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير ۾ ٿيندڙ تنقيدي ۽ اصلاحي ڪلاسن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون ادبي سرگرميون نوجوان تخليقڪارن جي فڪري، فني ۽ ادبي تربيت لاءِ انتهائي ڪارائتيون ثابت ٿينديون آهن.مختيار مگسي چيو ته سنڌي ٻولي لفظن، محاورن ۽ اظهاري سگهه جي حوالي سان انتهائي شاهوڪار ٻولي آهي، تنهنڪري نوجوانن کي پنهنجي شاعري ۽ نثر ۾ غير ضروري ڌارين ٻولين جي لفظن جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سندس زندگيءَ جو وڏو حصو ملڪ کان ٻاهر گذريو، پر سنڌ واپس اچڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري کيس دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاخ جي گڏجاڻين ۾ سينيئر ۽ نوجوان شاعرن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ۽ سندن معياري تخليقون سنڌي ادب جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ ادبي قدرن جي بقا لاءِ سڀني تخليقڪارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ادبي نشست دوران عبدالغفار عبد ميمڻ، مظهر وريائي، سيد غفور شاهه تقوي، اصغر مهرائي، مجيب سنڌي، قمبر ٻٽ، امداد لاشاري، عاصم عبدالمجيد ابڙو ۽ مختيار مگسي پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي، جڏهن ته سڪندر سرواڻ پنهنجي ڪهاڻي پڙهي ٻڌائي. گڏجاڻي جي ڪارروائي سيڪريٽري مجيب سنڌي هلائي.ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس سيد غفور شاهه تقوي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نوجوان شاعر مختيار مگسي جي ميمبرشپ لاءِ ڏنل درخواست تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ موجود سمورن ميمبرن متفقه طور درخواست منظور ڪندي مختيار مگسي کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي باقاعده ميمبرشپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سيد غفور شاهه تقوي چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير، ڪراچي ۽ ملير ضلعي جي هر ليکڪ، شاعر ۽ ادب دوست جو گڏيل ادبي گهر آهي، جنهن جا دروازا هر وقت سڀني لاءِ کليل آهن. هن چيو ته ملير ضلعي اندر رهندڙ هر تخليقڪار ۽ ادب دوست کي ڀليڪار ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ادبي سنگت جو بنيادي مقصد نون قلمڪارن جي همٿ افزائي ۽ ادب جي واڌ ويجهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ نوجوان شاعر مختيار مگسي جي شاخ ۾ شموليت نه رڳو ادبي سنگت لاءِ خوشيءَ جو باعث آهي، پر اها سنڌي ادب جي مستقبل لاءِ پڻ هڪ خوش آئند اڳڀرائي آهي. .