لاڙڪاڻي ۾ جوابدار پنهنجي جو پرڻو ڪندڙ ڌيءَ ۽ ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو

محمد پريل انڙ ڪارنهن الزام هيٺ ڌيءَ 30ورهين جي فردوس ۽ سندس مڙس جاويد ڪورڪاڻي کي قتل ڪيو

لاڙڪاڻي ۾ جوابدار پنهنجي جو پرڻو ڪندڙ ڌيءَ ۽ ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(بيورو)لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد اتاترڪ ٽاور واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ پنهنجي 30 ورهين جي ڌيءَ فردوس ۽ سندس مڙس الهه آباد محلا واسي جاويد علي ڪورڪاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل وٺي لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيا واقعي بعد جوابدار محمد پريل انڙ پوليس آڏو پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي ان حوالي سان الهه آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آهي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مقتول جاويد علي ڪورڪاڻي ڪجهه وقت فردوس انڙ سان پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ اڄ اهڙو واقعو پيش آيو آهي.