هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 55ورهين جي زرينا مغيري، سندس ڌيءِ صائمه، 2 پٽ ضمير ۽ روشن مارجي ويا
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد سنڌ گرين ڪالوني ۾ مغيري ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر ۾گهڙي ننڊ ستل گهر ڀاتين مٿان انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني
جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌياڻي 55 ورهين جي پيرسن زرينه خاتون مغيري سندس 36 ورهين جو پٽ ضمير، 28 ورهين جو روشن، صائمه مغيري تڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته بندهه علي ۽ 3 ورهين جي نينگري ڪجلي مغيري سخت زخمي ٿي پيا،
اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ لاش ۽ زخمين کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل رات دير سان غلام نبي مغيري پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي گهر تي حملو ڪري اسان جي چئن ڄڻن کي قتل ۽ نينگري سميت 2 ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن
هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو پراڻو تڪرار پيش آيو آهي
لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻڌايو پيو وڃي ته 2 سال اڳ مغيري ذات جو اصغر علي مغيري مارجي ويو هو جنهن واقعي جو ڪيس مقتول ڌر مٿان داخل ٿيو هو
جنهن کان پوءِ ڌرين ۾ مسلسل ڇڪتاڻ هلندڙ هئي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي
0 تبصرے