English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قبائلي تڪرار شڪارپور جي عوام لاءِ ناسور بڻجي چڪا آھن: ايم اين اي شھريار مھر
68 views
|
31st May 2026
•
سنڌي خبرون
وفاقي حڪومت بجلي سولر ۽ پيٽرول تي ٽيڪس ۾ گھٽائي ڪري ۽ پگھاردار طبقي کي رليف فراهم ڪري
شڪارپور (رپورٽر )ايم اين اي محمد شھريار خان مھر چيو آھي ته وفاقي حڪومت بجلي سولر ۽ پيٽرول تي ٽيڪس ۾ گھٽائي ڪري ۽ پگھاردار طبقي کي رليف فراهم ڪري. قبائلي تڪرار شڪارپور جي عوام لاءِ ناسور بڻجي چڪا آھن، تنھنڪري ڌرين کي گھرجي ته انھن تڪرارن جو نبيرو ڪرائين ۽ پوليس ڏوھارين خلاف بيحد سخت قدم کڻي. اھي ڳالھيون ايم اين اي شھريار خان مھر ڳوٺ مسيتي ۾ یوسی جي عوام ۾ سولر پليٽون ۽ سولر لائٽون ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيون ايم اين اي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون واضح ھدايتون آھن ته ھن دفعي بلدیاتي چونڊن ۾ ٽڪيٽ صرف انھن اميدوارن کي ڏني ويندي جن جي ڪارڪردگي عوام ۾ بھتر ھوندي. ان ڪري یوسی ۽ ٽائون ۾ بجيٽ مطابق صفائي، سٿرائي ۽ ترقياتي ڪمن جون سھولتون عوام کي ڏنيون وڃن. ھن چيو ته ترقياتي ڪمن جي نگراني پاڻ عوام ڪري ۽ علائقي ۾ ڪاغذن ۾ ڪم ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ ٺيڪدارن کي برداشت نه ڪيو ويندو ايم اين اي شڪارپور چيو ته ھي علائقو زراعت ۽ مال جي پالنا تي دارومدار رکي ٿو، ان ڪري سڀني مسئلن جي حل لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مھرباني سان مسيتي، قاضي واھڻ ۽ رڪ پمپنگ اسٽيشن کي الڳ بجلي جو فيڊر ۽ مرمت لاءِ 26 ڪروڙ رپين جي اسڪيم تي ڪم جاري آھي قبائلي تڪرارن بابت ڳالھائيندي ھن چيو ته انھن سبب ڪيتريون ئي عورتون بيواھ، سوين ٻار يتيم ۽ خاندان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. مخالف قبائلي تڪرارن جو سهارو وٺي علائقن ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ڪيو وڃي ٿو. ھن چيو ته اسان ڪلھوڙا، جوڻيجا سميت ٻين ڪيترين برادرين جا تڪرار حل ڪرايا آھن. پوليس کي ھدايت ڪندي چيو ته بنا ذات پات جي تفريق جي ڏوھارين خلاف سخت قدم کڻي.ايندڙ بجيٽ بابت ھن چيو ته وفاقي حڪومت بجلي، سولر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ گھٽتائي ڪري ۽ پگھاردار طبقي جي پگھارن ۾ خاطر خواه اضافو ڪيو وڃي. ھن چيو ته ڪراچي کي الڳ ڪرڻ وارن خبرن ۾ ڪو دم ناھي ۽ ائين نه ٿيڻ ڏنو ويندو ان کان اڳ ضلع ڪائونسل ميمبر سيد نادر شاھ آجياڻي ۾ چيو ته شھريار خان مھر واحد ايم اين اي آھي جيڪو اسيمبلي ۾ عوام جا مسئلا اٿاري ٿو. ھن گھر ڪئي ته سندس یوسي ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي اسڪولن کي اپگريڊ ڪيو وڃي، اسڪول بلڊنگن جي مرمت ۽ توسيع ڪئي وڃي. ھن چيو ته ھي علائقو مالوندن جو آھي، ان لاءِ ھڪ وٽنري اسپتال منظور ڪئي وڃي ۽ بوجا ناپر کان مين روڊ ۽ شڪارپور تائين روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي تقريب جي آخر ۾ یوسي مسيتي جي مختلف ڳوٺن جي عوام ۾ 200 سولر پليٽون ۽ 60 سولر لائيٽون ورهايون ويون. ھن موقعي تي یوسي چيئرمين سيد سڪندر شاھ، بلدیاتي عملدار ۽ یوسي جا ماڻھو شريڪ ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
shahryar mahar
ايم اين اي شھريار مھر
0 تبصرے