English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ اعجاز ممنائي جي ڪتاب جي مهورتي تقريب منعقد
138 views
|
31st May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مهر پاران تقريب منعقد ڪئي وئي
نوشهرو فيروز (ڊر) سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مهر پاران انٽرنيشنل رائٽرز فورم پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين ناليواري شاعر ڪالم نويس ۽ شاخ بچل مهر جي ڪائونسلر اعجاز ممنائي جي ڪتاب "هادي سندي هدايت" جي مهورت تقريب پيپلز اسڪول هال ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري سيد مختيار علي شاهه مختيار ڪئي جڏهن ته مهمان خاص پروفيسر جبار ملاح هو. هن تقريب ۾ پروفيسر بخش علي چانڊيو۔ پروفيسر مخدوم اظهار۔ پروفيسر اصغر ڀٽي۔پروفيسر منور علي سرگاڻي۔ امانت وسطڙو۔ زاهد حسين سومرو۔عبدالطيف سولنگي۔استاد اقبال ميمڻ ۽ ٻين مقررن خطاب ڪندي چيو تہ اعجاز ممنائي سنڌي ادب کي ڪيترائي قيمتي ڪتاب ارپي چڪو آهي هن نعت جهڙي نفيس صنف سان پڻ خوب انصاف ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جي انفراديت کيس الڳ سڃاڻپ ڏني آهي. هو نہ صرف شاعر پر بهترين نثر نويس پڻ آهي. هو نہ فقط غزل پر نعت، منقبت ۽ مرثيي جو پڻ بهترين شاعر آهي. ان موقعي صاحب ڪتاب اعجاز ممنائي چيو ته اسان وٽ مولود شريف، نبي پاڪ جي ثنا ۽ ساراھ ۾ مخصوص انداز ۾ ڳاتا سُڃاتا وڃن ٿا، پر ان مروج ڪلام ۽ ڳائڻ واري انداز کان هٽي ڪري نعتيه ڪلام کي خاص اهميت حاصل رهي آهي۔هن چيو ته جڏهن به ڪنهن ميلادالنبي جي پروگرام ۾ وڃجي ٿو ته سنڌي نعت چوڻ وارو ڪو ڪو ملي ٿو جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ نعت چوڻ تي فخر ڪيو وڃي ٿو انڪري مون محسوس ڪيو ته ان نعتيه ڪلام کي پنهنجي مادري زبان ۾ بيان ڪجي۔ صدارتي خطاب ڪندي نامياري اديب ۽ ضلعي رابطه سيڪريٽري سيد مختيار علي شاه مختيار چيو ته اعجاز ممنائي متحرڪ اديب شاعر ۽ سماج اڳواڻ آهي سندس نعتيه ڪلام روحاني رمزن سان سجايل آهي. مهورتي تقريب ۾ مشهور نعت خوانن استاد غلام مصطفيٰ ٽالپر۔محمد حسين اڄڻ۔ غلام حسن ڪلهوڙو جميل شيخ۔ صابر خانزادو نعتون پڙهي محفل تي روحاني رنگ طاري ڪري ڇڏيو۔ پروگرام ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض گل بقا عمراڻي ادا ڪيا جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
16th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ڏاھي ابراھيم جويو آسٽريلوي شھر نيو ڪيسل ۾ جي سالگرھھ ملھائي وئي
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز ۾ اعجاز ممنائي جي ڪتاب
0 تبصرے