English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: چوڪنڊي قبرستان لڳ قائم قديم وسندي دائود شورو ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم
191 views
|
31st May 2026
•
سنڌي خبرون
صفائي نه ٿيڻ ڪري ڳوٺ جي مختلف پاڙن ۾ ڪچري جا ڍير لڳل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) چوڪنڊي قبرستان لڳ قائم قديم وسندي دائود شورو ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ سبب ڳوٺاڻن ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي آهي مهينن کان صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري ڳوٺ جي مختلف پاڙن ۾ ڪچري جا ڍير لڳل آهن، جڏهن ته سيوريج جو نظام ناڪاره ٿيڻ سبب مک رستا ۽ گهٽيون گٽر جي گندي پاڻي هيٺ اچي ويون آهن ڳوٺاڻن نظر بروهي، آڪاش کٽي،ڪبير بلوچ، غلام نبي شورو، الهڏنو شاهه محمد خان ٻرڙو، مختيار سومرو محمود مري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تاريخي چوڪنڊي قبرستان جي ڀرسان قائم دائود شورو ڳوٺ ڪيترن ئي بنيادي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هنن ٻڌايو ته ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي عمارت جو تعميراتي ڪم ڊگهي عرصي کان رولڙي جو شڪار آهي ۽ ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو آهي، جنهن سبب سوين ٻارڙا تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم آهن هنن چيو ته سيوريج اسڪيم تي لکين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود غلط رٿابندي جي ڪري ڄاڻايل اسڪيم ناڪاره بڻجي وئي آهي جنھن سبب ڳوٺ۾ داخل ٿيندڙ مک رستا، جن ۾ قبرستان روڊ به شامل آهي، گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهن ان صورتحال سبب نه رڳو ڳوٺاڻا پر چوڪنڊي قبرستان ڏسڻ لاءِ ايندڙ سياح پڻ سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن ڳوٺاڻن الزام هنيو ته ٽائون ابراهيم حيدري ۽ يوسي چوڪنڊي انتظاميا وٽ عوامي بجيٽ جا اربين رپيا موجود هجڻ باوجود علائقي جا بنيادي مسئلا حل نه پياڪيا وڃن جڏهن ته انتظاميا فقط فوٽو شوٽ تائين محدود آهي هنن سنڌ جي وڏي وزير، مڪاني کاتي ۽ تعليم کاتي، سياحت کاتي جي صوبائي وزيرن، علائقي جي ايم پي اي، ايم اين اي، ٽائون ابراهيم حيدري ۽ يوسي چوڪنڊي جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته دائود شورو ڳوٺ جا بنيادي مسئلا خصوصن اسڪول جي عمارت جو اڏاوتي ڪم مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ فوري طور رهواسين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
چوڪنڊي قبرستان لڳ قائم قديم وسندي دائود شورو ڳوٺ
0 تبصرے