English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي اڻاٺ
42 views
|
31st May 2026
•
سنڌي خبرون
جر کارو هجڻ ڪري رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپن لڳا، ڏورانهن علائقن جا پنڌ ڪرڻ تي مجبور
ٺٽو( ڊر) ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ توڙي جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري ڪوھستان پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء ترسڻ لڳا، مقامي عورتون توڙي مرد وڏو سفر ڪري پاڻي آڻڻ توڙي خريدڻ تي مجبور بڻيل آھن، پر مصيبت ماريل ڪوھستان واسين جي ڪير بہ سار لھڻ وارو ناھي، ڪوھستان واسين جون دانھون، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي ڄنگھڙي جي ڪوھستاني ڳوٺن ڳوٺ محمود برفت، ڳوٺ ڳوٺ سليمان برفت، ڳوٺ يعقوب برفت، ڳوٺ پيارو برفت ۽ ٻين ڳوٺن جي ڪيترن ئي خمتاثر رھواسين پاران کين پيئڻ جي صاف پاڻي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو ملوڪ ہرفت، وڏيرو محمد عيسي برفت، عمرالدين، پيارو، خداڏنو، ڪريم ہخش برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو آھي تہ ھڪ طرف ڪوھستاني پٽي ۾ پاڻي ختم ٿيڻ ڪري ڏڪاري حالتون شروع ٿي ويون آھن تہ بئي طرف جر جو پاڻي بہ کارو ٿيڻ ڪوھستان واسي پري پري کان پاڻي آڻڻ توڙي خريدڻ تي مجبور بڻيل آھن، محمد ملوڪ برفت ۽ ٻين چيو تہ کين پيئڻ جي پاڻي سميت صحت، تعليم، روزگار، روڊ، رستي، بجلي جھڙي ڪابہ سھوليت ميسر ناھي، سندن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگس زبون حال ھجڻ سان گڏ فرنيچر نہ ھجڻ ڪري ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن چيو تہ ھتي صحت جي ڪابہ سھوليت موجود ناھي بيمار ماڻھن کي ڳرا خرچ ڀري ڪوٽري يا حيدراباد وڃڻو پوي ٿو، ھنن چيو تہ سندن ڳوٺ ونڊ پراجيڪٽن اندر ھجڻ باوجود ھو بجلي کان محروم بڻيل اھن، روڊ، رستي جي ڪابہ سھوليت ناھي ۽ نہ ئي کين ڪو بھتر روزگار ٿو ملي، ھنن چيو تہ ھو پ پ پ جا ووٽر ھجڻ باوجود کين ھر دور ۾ نظر انداز ڪيو ويو اھي. ھنن گھر ڪئي تہ کين پيئڻ لاء صاف پاڻي مھيا ڪري کين بجلي، صحت، روڊ، رستي سميت سموريون ڀنيادي سھولتون مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت
0 تبصرے