لاڙڪاڻي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي دوران نوجوان قتل، سندس ڀاءُ زخمي

جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 23 ورهين جو مظفر ڪنڀر مارجي ويو، سندس ڀاءُ علي رضا زخمي ٿي پيو

لاڙڪاڻي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي دوران نوجوان قتل، سندس ڀاءُ زخمي

لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان شيخ ۽ ڪنڀر ذات جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو هڪ زخمي ٿي پيو لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد دودائي سم شاخ واري علائقي ۾ شيخ ۽ ڪنڀر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻارڙن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن نتيجي ۾ 23 ورهين جو نوجوان مظفر ڪنڀر گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو ان موقعي تي مقتول جي والد نظير احمد ڪنڀر ٻڌايو ته ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان حبدار شيخ ۽ ٻين گوليون هڻي منهنجي پٽ مظفر ڪنڀر کي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻئي پٽ علي رضا کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.