احسن علي ۽ ڪونين زهريٰ عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ماڊل ڪالوني سان تعلق رکندڙ پريمي جوڙو احسن علي خان ، ۽ ڪونين زھراء ڪراچي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي جان کي خطرو هجڻ جو خدشو ظاهر ڪندي اعليٰ اختيارين کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي صحافين سان ڳالهائيندي ناري ڪونين زهرا ولد تسليم عباس چيو ته هن پنهنجي مرضي ۽ پسند سان احسن علي خان سان شريعت محمدي موجب شادي ڪئي آهي، کيس ڪنهن به اغوا ناھي ڪيو هن واضح ڪيو ته هوءَ عاقل بالغ آهي کيس پنھنجي زندگيءَ جو اھم فيصلو ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي ھن الزام هڻندي چيو ته شادي بعد سندس والد تسليم عباس، ڀاءُ زين عباس ۽ مامو فراز علي سندن سخت مخالفت ڪندي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته کيس ۽ سندس مڙس کي مختلف نمبرن تان فون ڪري هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ناري ڪونين زهرا چيو ته جيڪڏهن مونکي، منهنجي مڙس يا سندس گهر وارن کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار ڄاڻايل ماڻھون هوندا ٻئي طرف نوجوان احسن علي خان چيو ته هنن ڪنهن به قانوني يا اخلاقي حد جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، صرف پسند جي شادي ڪئي آهي، جيڪا سندن بنيادي ۽ آئيني حقن ۾ شامل آهي هن چيو ته شادي بعد مسلسل خوف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، جڏهن ته گھرواري جي مائٽن پاران کين ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن هن وڌيڪ چيو ته اسان عدالت ۾ قانون موجب شادي ڪئي آهي، ان باوجود اسان کي تحفظ بدران خوف ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي پريمي جوڙي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته سندن جان جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن هو بنا خوف جي پنهنجي شادي شده زندگي خوشي ۽ سڪون سان گذاري سگهن.
0 تبصرے