ڪوئيٽا ٽرين حملي ۾ شهيد ٿيل ٻن فوجي جوانن جي شڪارپور ۾ جنازي نماز بعد فوجي اعزاز سان تدفين

ڪوئيٽا ٽرين حملي ۾ شهيد ٿيل ٻن فوجي جوانن جي شڪارپور ۾ جنازي نماز بعد فوجي اعزاز سان تدفين

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ڪوئٽا ۾ پيش آيل افسوسناڪ ٽرين حملي دوران ضلعي شڪارپور سان تعلق رکندڙ 2 فوجي اھلڪار شھيد ٿيا. ڳوٺ رڪ واسي پاڪ فوج ۾ ڊيوٽي ڪندڙ نديم ۽ ڳڙھي ياسين تعلقي جي ڳوٺ الھڏنو سيلرو واسي فوجي اھلڪار منيراحمد سيلرو ڪوئٽه ۾ جعفر ايڪسپريس ٽرين تي بم ڌماڪي۾ شھادت ماڻي ورتي. شھيدن جي جنازو نماز پڻ ادا ڪيو ويو شھيدن جي جنازي نماز کانپوءِ فوجي سلامي پيش ڪئي وئي شھيدن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو۽ سندن اباڻي ڳوٺ ۾ فوجي اعزاز سان سپردِ خاڪ ڪيو ويو جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ،پاڪ فوج جا آفيسر، سنڌ رينجرز جا آفيسر مختلف کاتن جي عملدارن،سياسي سماجي شخصيتن سميت ڳوٺاڻن ۽ فوجي دستن شرڪت ڪري شهيد جي بلند حوصلن ۽ قرباني کي ڀيٽا پيش ڪئي۔ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، GOC پنوعاقل ،۽ علائقي جي ٻين معزز شهرين شرڪت ڪندي شهيد جي گهر وارن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته اهي بهادر جوان، جن وطن ۽ قوم جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، انهن جي قرباني هميشه ياد رکبي۔ ملڪ ۽ قوم لاءِ جان قربان ڪندڙن کي خراجِ عقيدت ۽ سلام پيش ڪجي ٿو۔ شهيد جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ويندو، جن جي عظمت ڀري قرباني سڄي قوم کي حب الوطني ۽ خدمتِ وطن جي جذبي سان سرشار ڪيو آهي پاڪستان جون مسلح فوجون دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پرعزم آهي ۽ هر وقت وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي