تعلقي اليڪشن چيئرمين 20 مئي تي اسان جي پينل شهيد راڻي کي بنامقابلي ڪامياب قرار ڏنو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ شهيد راڻي گسٽا تعلقي ڏوڪري جي اميدوارن صدر احمد علي ڪانڌڙو، جنرل سيڪريٽري علي محمد هيسباڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 16 مئي تي شهيد راڻي بينظير ڀٽو گسٽا جي پينل تان اليڪشن چئيرمين وٽ نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا ۽ اسان جي مخالف ڀٽائي پينل جي اميدوار به نامزدگي فارم ڀرايا هئا جن جا 9 اميدوارن مان ٻن اميدوار طفيل احمد سوهو ۽ ﷲ ڏتو ٽاٽڙي شهيد راڻي پينل جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويا. هنن چيو ته ڀٽائي پينل جي فيميل نائب صدر جي سروس 30 مھينا نه هجڻ جي ڪري فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته ٽن اميدوارن امداد علي سومرو، محمد ياسين ڪنڀر ۽ حسين علي گوپانگ جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙ استاد پنهنجي يونٽن ۾ عهديدار ئي نه آهن جنھن جي ڪري تعلقي اليڪشن چيئرمين پاران سندن فارم رد ڪيا ويا. هنن چيو ته گسٽا آئين مطابق جڏهن ڪنهن پينل جا 50 سيڪڙو اميدوار نااهل ٿين يا هٿ کڻي وڃن ته پينل ختم ٿي ويندو ۽ ٻيو پينل بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي هنن چيو ته تعلقہ اليڪشن چيئرمين 20 مئي تي پينل کي فائينل ڪرڻ واري ڏينهن اسان جي پينل شهيد راڻي کي بنامقابلي ڪامياب قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀٽائي پينل جي اميدوارن تعلقہ اليڪشن چيئرمين جي فيصلي خلاف مرڪز وٽ اپيل داخل ڪرائي مرڪز اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين تعلقہ چيئرمين جي فيصلي کي رد ڪرڻ جو ڪو آئيني جواز بيان ڪرڻ بنا فيصلو ٻڌائيندي اسان جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي. هنن چيو ته اسان مرڪزي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي قبوليون ٿا ۽ مطالبو به ڪريون ٿا ته ڏوڪري تعلقي جي اليڪشن جلد کان جلد تاريخ مقرر ڪري تعلقہ هيڊڪوارٽر ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. شهيد راڻي پينل جي اميدوارن پريس ڪانفرنس ۾ خدشو ظاهر ڪندي چيو ته ضلعي چيئرمين جانبدار آهي ان جي نگراني ۽ تعلقي ڏوڪري جون چونڊن نه ڪرايون وڃن چونڊ مرڪز جي نگراني يا ڊويزن جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. هنن چيو ته پوري تعلقي جي مختلف يونٽن منجهان چونڊيل 24 عهديدارن کي فريش يا ان پيڊ ڄاڻائي تعلقي جي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته 24 عهديدارن کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي. ان موقعي تي شهيد راڻي پينل جي اميدوار سئينر نائب صدر منير احمد ٻگهيو، نائب صدر اعجاز احمد ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري امام الدين ٽاٽڙي موجود هئا.
0 تبصرے