سجاول ۾ جي يو آءِ پاران مهانگائي، تيل اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ريلي

حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي غريب عوام تي آپگهات تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ

سجاول ۾ جي يو آءِ پاران مهانگائي، تيل اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ريلي

سجاول (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سجاول طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف حافظ فضل الله فياض جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي حافظ فضل الله فياض چيو ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي غريب عوام تي وڌيڪ بار وڌو آهي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت پريشاني ۽ معاشي بحران جو شڪار بڻجي ويا آهن۔ هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جي باوجود دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيل جا اگهه نه وڌيا آهن، پر پاڪستان ۾ مسلسل اضافو حڪمرانن جي ناڪام معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آهي۔هن وڌيڪ چيو ته عام واهپي جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، جڏهن ته مهانگائي سبب غريب ۽ پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي۔ هن الزام هنيو ته موجوده حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران سندن مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف فصلن جا اگهه گهٽائي آبادگارن کي نقصان پهچايو ويو آهي، ته ٻي طرف ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جون قيمتون وڌائي زراعت کي تباهي جي ڪناري تي بيهاريو ويو آهي۔جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سجاول حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه فوري طور گهٽايا وڃن، وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي ۽ عوام کي فوري رليف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔مظاهري کي مولانامحمدانورسومرو مولاناطفيل احمدکٽي مولانا غلام حسين ميمڻ مولانا عبدالرزاق کٽي مولانااشرف ميمڻ ايڊوڪيٽ آفتاب مولانااسدالله سنجراڻي ۽ٻين خطاب ڪيو