English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 22مئي جي شهيدن جي ورسي تي احتجاج
152 views
|
22nd May 2026
•
سنڌي خبرون
شهيد غزالہ بتول صديقي، ستار اُنڙ، شبير بُليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ ۽ ٻين شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا: اڳواڻ
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي شھيد غزالا بتول صديقي سميت 22 مئي جي شھيدن جي ورسي جي سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلع حيدرآباد طرفان نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي صدر نظير بليدي، بابو ميمن، معشوق چانڊيو، نور حسن جمالي، محمد عمر بليدي، خير محمد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ جڏھن تہ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زينت سمون، نصرت خاصخيلي آغا عباسي پٺاڻ، بابو سولنگي، جمن سولنگي، الطاف نانگراج، ياسين مغيري، دين محمد خاصخيلي، پپو سولنگي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ ٿيا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ شهيد غزالہ بتول صديقي، ستار اُنڙ، شبير بُليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي سمورن شهيدن کي سُرخ سلام پيش ڪيون ٿا. عالمي سامراجي سازش تحت سنڌ کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائڻ جي سازش خلاف 22 مئي تي اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ لياري ۾ عورتن سميت ھزارين ماڻھن محبت سنڌ ريلي ڪڍي، جنھن تي ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن حملو ڪيو، جنھن ۾ غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، اعجاز بلوچ، سرور بلوچ ۽ ٻيا شھيد ٿي ويا پر پوئتي نه ھٽيا. 22 مئي کانپوءِ سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪندڙ تاريخ ۾ دفن ٿي ويا. اڳواڻن چيو تہ 28 آئيني ترميم سنڌ ۽ ملڪ خلاف سازش آھي. جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو تہ سنڌ جي زمين، درياھ، سمنڊ ۽ وسيلن تي قبضا سنڌ دشمن سازش آھي. ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ دشمن آئيني ترميمون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Jul 2026
•
تازہ ترین
فضل الرحمان فوج اور شہداء کے بارے میں بیان پر پشیمان ہوں گے، اپنے الفاظ واپس لیں: گورنر سندھ
16th Jul 2026
•
تازہ ترین
ملک میں صرف 14 دن کا پٹرول باقی؟ وزیراعظم کا مصنوعی قلت پیدا کرنے والوں کے خلاف سخت کارروائی کا حکم
16th Jul 2026
•
کھیل
کچھ بھی مفت میں نہیں ملا، کسی کو پسند آئے یا نہ آئے، ہم بہترین ہیں: میسی کا ناقدین کو جواب
16th Jul 2026
•
دنیا
نیوزی لینڈ میں 6.3 شدت کا زلزلہ، سونامی الرٹ جاری
16th Jul 2026
•
تازہ ترین
فضل الرحمان فوج اور شہداء کے بارے میں بیان پر پشیمان ہوں گے، اپنے الفاظ واپس لیں: گورنر سندھ
16th Jul 2026
•
تازہ ترین
ملک میں صرف 14 دن کا پٹرول باقی؟ وزیراعظم کا مصنوعی قلت پیدا کرنے والوں کے خلاف سخت کارروائی کا حکم
16th Jul 2026
•
کھیل
کچھ بھی مفت میں نہیں ملا، کسی کو پسند آئے یا نہ آئے، ہم بہترین ہیں: میسی کا ناقدین کو جواب
16th Jul 2026
•
دنیا
نیوزی لینڈ میں 6.3 شدت کا زلزلہ، سونامی الرٹ جاری
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شھيد غزالا بتول صديقي سميت 22 مئي
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي
0 تبصرے