ميل ۽ في ميل ٽيچرز جي موبائيل ذريعي چهري جو بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو ويو
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري تعلقي جي مڊل، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جي 1500 استادن جي فيشل بائيو ميٽرڪ جو عمل مڪمل ٿي ويو. مليل معلومات موجب گوسڙو ۽ پرڏيھ ويٺل ماسترن خلاف عوامي شڪايتن تي تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ سيڪريٽري زاهد عباسي جي هدايتن تي ڏوڪري تعلقي جي مڊل، سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ قائم ٿيل فيشل ريڪگنيشن مانيٽرنگ اينڊ ايويلوئيشن سينٽر جي سلسلي ۾ ها۽ اسڪول ڏوڪري ۾ 1500 استادن جي فيشل بائيوميٽرڪ جو عمل مڪمل ٿي ويو. ڏوڪري تعلقي جي اسڪولن جي استادن ۽ ٽيچرس جي موبائيل ذريعي منهن جي بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو ويو، جنهن م ڊپٽي ڊائريڪٽر بائيو ميٽرڪ پرويز تنيو، سپريڊنٽ سي ايم او رياض احمد عباسي، مانيٽرنگ آفيسر راشد علي، غلام مصطفي ڪلهوڙو، اسٽنٽ آفيسر بائيو ميٽرڪ، محمد آصف بڙدي ۽ ٻين ڏوڪري تعلقي جي ميل ۽ فيميل ٽيچرس کان فيس بائيو ميٽرڪ ورتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڊائريڪٽر بائيو ميٽرڪ پرويز تنيو چيو ته صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سيڪريٽري زاهد عباسي جي هدايتن تي نئون فيشل بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ اسڪول ايندڙ ۽ اسڪول مان ويندڙ استادن جي چهري جي بائيو ميٽرڪ سسٽم حاضري لڳائيندو ۽ تصديق ڪندو. ٻئي پاسي ڊي اِي او لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي چيو ته اڄوڪي هن دوري جو بنيادي مقصد ڊجيٽل حاضري ۽ تصديقي عمل لاءِ سينٽر تي ايندڙ ٽيچنگ توڙي نان ٽيچنگ عملي کي فراهم ڪيل سهولتن جو معائنو ڪرڻ آهي. هن چيو ته تعليمي نظام ۾ ڊجيٽل تبديلين کي ڀليڪار ڪيون ٿا، پر ان سان گڏ استادن جي عزت، نفس ۽ سهولتن کي اوليت ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن سينٽرن تي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سان استادن جو مورال بلند ٿيندو ۽ ڊجيٽل گورننس جو عمل وڌيڪ ڪامياب ٿيندو.ان موقعي تي گسٽا اڳواڻ علي بخش پٺاڻ، پ ٽ الف تعلقه ڏوڪري جو صدر شفيق احمد هيسباڻي، قاضي برڪت، ياسر عرفات سومرو، فاروق احمد سرگاڻي، جاويد اختر ٻگهيو، ۽ گسٽا ڏوڪري جا اڳواڻ به موقعي تي موجود هئا.
0 تبصرے