عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص سڀاش چندر ٻئي ڏينهن به پوليو مهم جي ڪمن جو جائزو ورتو، تفصيل موجب ڊويزنل ڪمشنر سڀاش چندر عمرڪوٽ ضلعي جي بنيادي صحت مرڪز صالح ڀنڀرو ، ٽرانزٽ پوائنٽ صالح ڀنڀرو ۽ گلزار خليل پرائمري هيلٿ ڪئير سينٽر جو دورو ڪري پوليو جي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ عوام کي فراهم ڪيل صحت جي سهولتن جو جائزو پڻ ورتو، هن صحت مرڪزن ۾ عوام کي فراهم ڪيل صحت جي سهولتن جو به جائزو ورتو، ان موقعي تي ڪمشنر چيو ته سنڌ حڪومت جي صحت کاتي پاران عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جنهن ۾ بنيادي صحت مرڪزن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ شامل آهن.
0 تبصرے