عيدالفطر تي مسافرن جي سهولت لاءِ ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي عمرڪوٽ طرفان گڏيل چيڪنگ مهم شروع

عيدالفطر تي مسافرن جي سهولت لاءِ ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي عمرڪوٽ طرفان گڏيل چيڪنگ مهم شروع

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي اعلي قيادت جي هدايتن تي عيدالفطر جي موقعي تي سيڪريٽري ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ( Secretary RTA) عمرڪوٽ طرفان ٽريفڪ پوليس ۽ ضلعي پوليس سان گڏجي گڏيل چيڪنگ مهم هلائي وئي. مهم دوران مسافرن کان غيرقانوني طور اضافي ڀاڙو وصول ڪرڻ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي. چيڪنگ دوران مختلف ٽرانسپورٽ گاڏين جي جانچ ڪئي وئي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا، جڏهن تہ مسافرن کان ورتل اضافي ڀاڙو پڻ واپس ڪرايو ويو. چيڪنگ مهم دوران 13 گاڏين جي جانچ ڪئي وئي، جڏهن تہ قانون جي ڀڃڪڙي تي 13,000 روپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ان کان علاوه مسافرن کي 56,400 روپيا اضافي ڀاڙو پڻ واپس ڪرايو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽري آر ٽي اي ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي عمرڪوٽ عرفان الله رند چيو تہ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي خصوصي ھدايتن تي عيد جي ڏينهن ۾ مسافرن جي سهولت ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙيون ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ ٽرانسپورٽرن کي هدايت ڪئي وئي آهي تہ مقرر ڪيل ڀاڙن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ھن چيو ھدايتن تي عمل نہ ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.