ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي گذريو

ٺٽي ۾ زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽائيزيشن بابت اڳڀرائي

ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي گذريو

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاگت جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ، ٺٽي ۾ زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽائيزيشن ۾ اهم اڳڀرائي - ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي صدارت هيٺ زمينن جي رڪارڊ جي خاص نظرثاني (ري رائٽنگ) ۽ ڊجيٽائيزيشن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو . اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو سنڌ جي هدايتن جي روشني ۾ رڪارڊ آف رائٽس جي نئين سر تياري ۽ ان جي ڊجيٽائيزيشن جي عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاگت ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنر ، مختيارڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رڪارڊ آف رائٽس جي درستگي ۽ بروقت ڊجيٽائيزيشن کي يقيني بڻايو وڃي ۔ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته جديد تقاضائن مطابق زمينن جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ، جنهن سان شفافيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ عوام کي بهتر سهولتون مهيا ڪري سگهبيون ۔ اجلاس دوران مختلف تعلقن ۾ جاري ڪم جي رفتار جو جائزو ورتو ويو ۽ پيش ايندڙ مسئلن تي تفصيلي غور ڪيو ويو - ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاگت لاڳاپيل عملدارن تي زور ڏنو ته هو ذميواري جو مظاهرو ڪندي هن اهم عمل کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪن ۔ هن وڌيڪ چيو ته هن منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي زمينن جي رڪارڊ تائين آسان ۽ شفاف رسائي فراهم ٿي سگهي۔