نوشهروفيروز ۾ ڊي سي ۽ اي سي جي مبينا زيادتين خلاف شهرين ۽ وڪيلن جو گڏيل احتجاج

نوشهروفيروز ۾ ڊي سي ۽ اي سي جي مبينا زيادتين خلاف شهرين ۽ وڪيلن جو گڏيل احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڊي سي ۽ اي سي جي مبينا زيادتين خلاف شهرين ۽ وڪيلن جو گڏيل احتجاج, مظاهرين الله واري چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي نعري بازي ڪئي مظاهرين جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ عبدالستار لهراڻي ،ايڊووڪيٽ شوڪت علي ٻوھيو، نعيم لغاري، انصار ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ڊي سي ارسلان سليم ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عثمان ڀٽي انڪروچمينٽ جو جواز ڄاڻائي اسان جي وڪيل دوست نعيم لغاري جي دڪانن تي روز جي بنياد تي اي سي پنج کان ڏھ ھزار وٺي ٿو اهڙي دانهن اسان ڊي سي کي پڻ ڏني آهي پر ڪوبه تدارڪ نه ٿو ٿئي هنن چيو ته روز جي اهڙي رويي کان تنگ ٿي مجبور ٿي ڪري احتجاج ڪيو آهي هاڻي جيڪڏهن دڪاندارن کي تنگ ڪيو ويو ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ذميواري ضلعي انتظاميا تي هوندي