English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: مهانگائي سبب ماهيگير سخت پريشان، ڊيزل مهانگو ٿيڻ ڪري لانچون بيهڻ جو خدشو
121 views
|
16th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي غريب ماهيگيرن کي سخت معاشي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي: مهاڻا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي غريب ماهيگيرن کي سخت معاشي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جي لڳاتار وڌندڙ قيمتن سبب ماهيگيري جو پيشو وڌيڪ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. ماهيگيرن جو چوڻ آهي ته ٻيڙين لاءِ گهربل راشن، برف ۽ ٻين ضروري سامان جون قيمتون به تمام گهڻيون وڌي ويون آهن، جنهن سبب خرچن ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي.ماهيگير اڳواڻ مجيد موٽاڻي ۽ ٻين ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ مهانگائي ماهيگيرن جي ڪمر ٽوڙي ڇڏي آهي. هنن ٻڌايو ته وچولي درجي جي هڪ لانچ جيڪا لڳ ڀڳ 12 ڪلاڪن ۾ 200 ليٽر ڊيزل استعمال ڪري ٿي، ڊيزل مهانگو ٿيڻ ڪري هاڻي ساڳئي وقت ۾ لڳ ڀڳ 11 هزار رپيا وڌيڪ خرچ ڪرڻا پئجي رهيا آهن.هنن چيو ته اڳ ئي ڊيزل جي وڌيڪ خرچ سبب ڪيترين ئي لانچن جو ڪم بند پيو هو ۽ ماهيگير مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا هئا، جڏهن ته هاڻي ڊيزل جي وڌيڪ مهانگائي سبب وڌيڪ لانچن جي بيهڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.ماهيگير اڳواڻن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي ئي رهي ته وڏي تعداد ۾ ماهيگير بيروزگار ٿي سگهن ٿا، جنهن سان هزارين خاندان معاشي بحران جو شڪار ٿي ويندا.هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ماهيگيرن کي ڊيزل تي خاص سبسڊي ڏني وڃي ۽ ماهيگيري سان لاڳاپيل سامان جون قيمتون ڪنٽرول ڪيون وڃن ته جيئن هن پيشي سان وابسته هزارين خاندانن کي معاشي تباهي کان بچائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی صدر ڈونلڈ ٹرمپ کا جنگ بندی میں توسیع نہ کرنے کا اشارہ
21st Apr 2026
•
صحت
کیا دودھ پینے سے وزن بڑھتا ہے؟ جانیے حقیقت
21st Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکا سے مذاکرات کے دوران انگلی ٹریگر پر ہوگی: ایران
20th Apr 2026
•
تازہ ترین
موجودہ حکومت کے پہلے 2 برس میں قرضوں میں تاریخی اضافہ، قرض کی تفصیلات سامنے آگئیں
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو آدم ۾ قتل بعد پوريل لاهور واسي ٽيڪسي ڊرائيور جو لاش ٻاهر ڪڍيو ويو
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
امن عالمي اجتماع جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا مهم جاري آهي: راشد محمود سومرو
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
يو سي پپري، گڏاپ ٽائون ۾ سيوريج نظام تباهه، رهواسي سخت پريشان
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
بس گهڻو ٿيو، هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين: غلام مرتضيٰ جتوئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: مهانگائي سبب ماهيگير سخت پ
0 تبصرے