روھڙي (رپورٽر) روھڙي يونين آف جرنلسٽ جي صدر محمد عثمان گھنيو, جنرل سيڪريٽري محمد شفيق شيخ ۽ سندن ٽيم ورڪ جي ڪوشش سان عيدالفطر جي خوشيءَ واري موقعي تي روھڙي جي صحافين، هاڪرن، ميڊيا ورڪرن ۽ فوٽوگرافرن ۾ عيد گفٽ ۽ راشن ورهائڻ جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب جو مھمان خاص ڄام سرور سميجو ڊائريڪٽر انفارميشن پريس ڪراچي ھيڊ ڪوارٽر، شاعر ۽ صحافي نثارناز رڪ جن ھئا تقريب ۾ روھڙي پريس ڪلب جي صدر مجاھد بوزدار سميت ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي روھڙي جي تاريخ ۾ منفرد ۽ پھريون ڀيرو ھن قسم جي منعقد تقريب جو مقصد عيد جي موقعي تي صحافتي برادري سان لاڳاپيل ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ضرورت مند ورڪرن ڦوٽوگرافرن جي مدد ڪرڻ هو، تقريب دوران صحافين، اخبارن جي هاڪرن، ڪئميرا مين ۽ ٻين ميڊيا ورڪرن ۾ عيد گفٽ پيڪيجز ۽ راشن بيگز ورهايا ويا ته جيئن هو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ عيد جون خوشيون بهتر نموني ملهائي سگهن تقريب ۾ خطاب ڪندي شامل مھمانن ۽ روھڙي يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻن چيو ته صحافي، فوٽوگرافر هاڪر ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ورڪر سماج جو اهم حصو آهن، جيڪي هر حال ۾ پنهنجي ذميوارين کي نڀائيندي عوام تائين سچيون خبرون پهچائڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، تنهن ڪري عيد جهڙي خوشيءَ واري موقعي تي انهن کي ياد رکڻ ۽ سندن حوصلا افزائي ڪرڻ ضروري آهي جڏهن تہ بھترين پروگرام ڪرڻ تي روھڙي يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد عثمان گھنڃو کي سنڌ جي ثقافتي تحفي طور بوسڪيءَ جو پٽڪو پارائي سندس جي حوصلا افزائي پڻ ڪئي وئي.
0 تبصرے