صرف اعلان عمل ڪير ڪرائيندو...؟

ساقي ارشاد لورڙ

صرف اعلان عمل ڪير ڪرائيندو...؟

گذريل ڪجهه سالن کان حڪومت طرفان هر بجيٽ ۾ مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويندا رهيا آهن. سال 2023ع ۾ حڪومت پاران گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جڏهن ته هاڻ سال 2026ع هلندڙ آهي ۽ جون 2025ع ۾ وفاق توڻي صوبن طرفان گهٽ ۾ گهٽ اجرت **40 هزار رپيا** مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انهن اعلانن ۽ حقيقي تنخواه جي وچ ۾ اڄ به زمين ۽ آسمان جو فرق موجود آهي. حقيقت ۾ اڄ به ڪٿي پندره، ڪٿي ويهه، ته ڪٿي ارڙهن هزار رپيه کان به گهٽ تنخواه ڏني وڃي ٿي. وصول ڪندڙ مزدورن جي حالت اڄ فقير کان به بدتر ٿي وئي آهي. ملندڙ تنخواه ۽ وڌندڙ مهانگائي مزدور جي ڏهين تاريخ تائين جيب خالي ڪري ڇڏي ٿي ۽ سندس ضرورتون ۽ مجبوريون سندس زندگي تنگ ڪري ڇڏين ٿيون. هو نفسياتي طور انتهائي هچارو ٿي وڃي ٿو. اعلانيل پگهار عام مزدور کي نه ملڻ ڪري هو ڪيترن ئي مسئلن ۾ لاچار ۽ بيوس ٿي وڃي ٿو. هاڻ ته اخبارن ۽ نيوز چينلن جي هيڊلائن بڻيل خبرن ۾ اهو پڙهڻ لاءِ ملي ٿو ته “ڦلاڻي شهر ۾ ڦلاڻو ماڻهو بيروزگاري ۽ مهانگائي کان تنگ ٿي پنهنجي چار ٻارن ۽ زال کي زهر پيئاري آخر ۾ پاڻ به زهر پي خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.” اهڙيون افسوسناڪ دل سوز خبرون هر روز اخبارن، چينلن ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون، جن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ دل آهوزار ٿي وڃي ٿي. پر اسان جي وقت جي حڪمرانن تي انهن خبرن جو الائي ڇو ڪو اثر نٿو ٿئي، سندن ڪن تي جونءُ به نٿي چرڪي. مزدور، جيڪي سرڪاري اعلانن جي بنياد تي آمدني جي هڪ خاص سطح جي توقع ڪن ٿا، سي مايوس ٿي رهجي ويا آهن ۽ مالي طور تي تنگ ٿي ويا آهن. جڏهن انهن کي گهٽ پگهار ۾ سوين ضرورتن ۽ بنيادي مسئلن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو ته سندن ڪهڙو حال هوندو؟ هنن جو ته ڪو به حال احوال ئي نٿو وٺي. هي پيارو ملڪ، جنهن ۾ جمهوريت جو راڄ قائم ڪيل آهي، تنهن ۾ جمهوريت ته دور دور تائين نظر نٿي اچي. هتي ڪنهن به شيءِ جي قيمت جيڪڏهن حڪومت وقت گهٽ وڌ ڪري ٿي ته ان تي ايڊمنسٽريشن جو حال بلڪل پورو نظر اچي ٿو. شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي ڪو به عمل نٿو ٿئي، پر منافع خور قيمتن جي واڌ تي راتورات قيمتون وڌائي ڇڏين ٿا، تن کان ڪو به پڇڻ وارو ناهي. ايئن ئي اعلان ڪيل پگهار غريب مسڪين مزدور تائين ڇو نٿي پهچي؟ ان تي عملدرآمد ڇو نٿو ڪرايو وڃي؟ باقي صرف اعلان ڇو ڪيو وڃي ٿو؟ اسان جي ملڪ ۾ اڄ به پرائيويٽ اسڪول جي ماسترياڻي يا ماستر کي ڏهه کان پندره هزار رپيا پگهار ڏني وڃي ٿي. اسان جي ڪيترين ئي پرائيويٽ ڪمپنين، سيڪيورٽي ادارن، ذاتي گهرن جي ڪم ڪار لاءِ رکيل ملازمن، ڊرائيورن، بيرن ۽ هوٽلن تي ڪم ڪندڙ ملازمن سان به ساڳيو حال آهي. اتي به مزدورن کي ويهه کان ٻاويهه هزار ڏنا وڃن ٿا. جيڪڏهن عام مزدور، ڏهاڙيدار، سر تگاري تي ڪم ڪندڙ، پيس ريٽ يا ٻين شعبن جي ڳالهه ڪجي ته اتي به ساڳيو حال آهي. ڪٿي به غريب مزدور جو ڪو حال ناهي. چند فيڪٽريون اهڙيون به آهن جيڪي پگهار ته 32 هزار ڏين ٿيون، پر ڪم ٻارنهن ڪلاڪ ورتو وڃي ٿو. ڪجهه آنڱرين تي ڳڻڻ جيترا ادارا اهڙا به آهن جيڪي حڪومت جي اعلان تي پورا به لهن ٿا، ليڪن اڪثريت ان اعلان کي نظرانداز ڪندڙ آهي. ڪٿي وري ڪو سيٺ پنهنجي حساب سان ڪم هلائي ٿو. مطلب چوڻ جو ته هتي هيترا ادارا هجڻ باوجود مزدور تائين مزدور جو حق پهچائڻ لاءِ ڪو به ڪم نٿو ڪري. هاڻ موجوده حالتن ۾ جڏهن سال 2026ع هلندڙ آهي، تڏهن به ان تي مڪمل عملدرآمد نظر نٿو اچي. سنڌ سميت ڪيترن ئي هنڌن تي صرف ڪجهه ڪمپنين اندر ئي جزوي عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن ته اڪثريت اڃا تائين ان اعلان کي نظرانداز ڪندي نظر اچي ٿي. ڪراچي جي ڪيترن ئي وڏن صنعتي علائقن جهڙوڪ سائيٽ ايريا، لانڍي انڊسٽريل ايريا ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون سميت ٻين ڪيترين ڪمپنين ۾ به اهو اعلان مڪمل طور تي لاڳو ٿيندي نظر نٿو اچي. مزدورن جڏهن به پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ته ڪٿي انهن جا گيٽ بند ڪيا ويا آهن ته ڪٿي کين جبري طور نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت جو لاڳاپيل **ليبر ڊپارٽمينٽ به هن اهم مسئلي تي گهري ننڊ ستل نظر اچي ٿو**. مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ قائم ادارا جيڪڏهن پاڻ ئي خاموش رهندا ته پوءِ مظلوم مزدور جي دانهن ڪير ٻڌندو؟ ٻئي طرف هاڻ پيٽرول بم به ڪيرايو ويو آهي، جنهن هڪ ئي ڌڪ سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ پنجونجاهه رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ عام عوام کي بيروزگاري، تنگدستي ۽ فاقاڪشي جهڙي صورتحال ڏانهن ڌڪي ڇڏيو ويو آهي. آخر سوال اهو ئي پيدا ٿئي ٿو ته حڪومت اعلان ته ڪري ٿي، پر انهن اعلانن تي عمل آخر ڪير ڪرائيندو؟