هن سهڻي سرزمين سنڌ تي هميشه اهڙا روح پرور ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جيڪي محبت ڪرڻ، محبت ورهائڻ ۽ انسانيت جو درس ڏيڻ ۾ يقين رکندا آهن. سنڌي سماج ۽ ادب جي دنيا به اهڙين شخصيتن سان ڀرپور آهي، جيڪي پنهنجي فڪر، قلم ۽ ڪردار سان نه صرف پنهنجي دور کي متاثر ڪن ٿا، پر ايندڙ نسلن لاءِ به راھون روشن ڪري وڃن ٿا.
ادبي دنيا ۾ مون ڪيترائي اهڙا چهرا ڏٺا آهن، جيڪي شاعري، ڪهاڻي، ناول، ڪالم يا نثر سان لاڳاپيل هوندا آهن. ڪيترائي وڏا نالا به آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن شخصي زندگي ۾ محبت، پيار ۽ انسانيت جي کوٽ محسوس ٿيندي آهي. جڏهن ته ادب جو اصل روح ته محبت، رواداري ۽ انسانيت ئي آهي.
منهنجو ذاتي طور اهو شوق رهيو آهي ته مان دوستن سان ميل ملاڪات ڪريان، ڪچهريون ڪريان ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن سان ويهي فڪري رهاڻيون ڪيان. اهو ماڻهو ادب سان واسطو رکندڙ هجي، صحافي هجي يا سماج سان لاڳاپيل ڪو ڪارڪن، مون لاءِ اهم ڳالهه هميشه ڪچهري ۽ فڪري ڏي وٺ رهي آهي. انهيءَ سفر دوران مون کي ڪيترن دوستن کان پيار ۽ همٿ ملي آهي، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن مايوسي به پلئه پئي آهي.
اڄ جنهن شخصيت جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو آهي سائين اصغر عادل قريشي هڪ اهڙو دوست، جيڪو محبت ورهائڻ وارو، روح پرور شاعر ۽ بااخلاق انسان آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شاخ پپري جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي، ۽ پنهنجي دور ۾ هن ادبي سنگت کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني.
منهنجي ۽ سائين عادل جي سڃاڻپ لڳ ڀڳ چار پنج سال اڳ شروع ٿي. سوشل ميڊيا تي ته گهڻي عرصي کان دعا سلام هلندي رهي، پر ويجهي ڪچهري بعد مون محسوس ڪيو ته هي شخص پنهنجي قول ۽ عمل ۾ سچو آهي. سندس سادگي، محبت ۽ خلوص مون کي متاثر ڪيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ قلم پاڻمرادو هن شخص بابت لکڻ لاءِ مجبور ٿيو آهي.
سائين عادل رڳو ادبي سنگت جي پروگرامن تائين محدود رهندڙ ماڻهو نه آهي. هو دوستن جي ذاتي ڏکن ڏوجرن ۾ به ساٿ ڏيڻ وارو انسان آهي. ڪيترائي اهڙا موقعا آيا آهن جتي هن دوستي جو حقيقي حق ادا ڪيو آهي.
زندگي ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن مان ذاتي ڏکن ۽ رنجشن جي ور چڙهي ويو هئس. ان وقت ڪجهه ويجها دوست آهستي آهستي پري ٿيڻ لڳا، پر ان مشڪل گهڙي ۾ ٻه ماڻهو مون سان گڏ بيٺا رهيا هڪ سماجي ڪارڪن الله ڏنو ابڙو ۽ ٻيو سائين عادل قريشي .
ان وقت سائين عادل مسلسل مون کي ميسيج ڪندو رهيو، ادبي پروگرامن ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندو رهيو. هو مون کي ڄڻ تہ ياد ڏياريندو رهيو ته ، اوھان يقين نه ڪندؤ پر مون کي ھن جا دعوت ڀريا ميسج ڏسي ھڪ ڏينھن ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ھو چوندو ھجي "تون ليکڪ آهين، شاعر آهين، تنهنجي قلم کي سماج کي ضرورت آهي."
انهن سار ڀرين حوصلي ڀرين پيغامن نيٺ مون کي ٻيهر ادبي دنيا ڏانهن موٽائي آندو جڏهن مان هڪ ڏينهن سندس دعوت تي پروگرام ۾ ويس ته دوستن جي محبت، عزت ۽ پنهنجائپ مون کي ٻيهر زندگي ڏانهن موٽڻ جو حوصلو ڏنو. اهو لمحون مون لاءِ هميشه يادگار رهندو .
اهڙي شخصيت جو ڪردار رڳو هڪ اديب جو نه، پر هڪ سچي انسان جو هوندو آهي ، سنڌي ادب جي تاريخ صدين تي پکڙيل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ شيخ اياز جهڙن شاعرن هن ادب کي فڪري طاقت ڏني ۽ انسانيت جو درس ڏنو. انهن جي فڪر جي روشني ۾ هر دور ۾ ڪجهه ماڻهو پيدا ٿيندا آهن جيڪي ادب جي مشعل کي اڳتي کڻي هلندا آهن ۽ انڌيرن ۾ روشني پکيڙيندڙ آھن .
سائين اصغر عادل قريشي به انهن ئي شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن ادب کي رڳو تخليق تائين محدود نه رکيو، پر ان کي سماجي شعور سان ڳنڍيو.
سنڌي ادبي سنگت شاخ پپري جي سيڪريٽري طور سندس هڪ سال جو دور رڳو انتظامي ذميواري نه هو، پر اهو هڪ فڪري تحريڪ جهڙو دور هو. ان عرصي دوران شاخ ۾ ادبي سرگرمين ۾ نمايان واڌ ٿي ادبي محفلون، تنقيدي نشستون، سيمينار ۽ رهاڻيون باقاعدگي سان ٿيڻ لڳيون. اهي گڏجاڻيون رڳو شاعري پڙهڻ تائين محدود نه هونديون هيون، پر انهن ۾ ادب، سماج ۽ ثقافت بابت سنجيده بحث ٿيندو هو.
انهن محفلن ۾ ڪيترائي دوست شامل ٿيندا هئا، جن ۾ محرم ڀٽي، پنھل مگسي، نثار چنو، ستار پنھور، منير احمد، اڪبر ڀاءُ، سائين غلام محمد ۽ ٻيا ڪيترائي ادب دوست شامل هوندا هئا. هر محفل ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي، جنهن سان ادبي فضا وڌيڪ زندهه ٿيندي هئي.
ڪڏهن ڪنهن شاعر جي ڪتاب تي بحث ٿيندو هو، ته ڪڏهن ڪنهن نئين ليکڪ جي تخليقن تي تنقيد براءِ اصلاح ڀري گفتگو ٿيندي هئي. ڪڏهن رهاڻيون، ادبي شامون يا تعزيتي ميڙاڪا ٿيندا هئا. اهڙيون سرگرميون ادب جي زندهه رهڻ لاءِ نهايت ضروري هونديون آهن.
سائين عادل جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو نوجوانن کي اڳتي آڻڻ تي يقين رکي ٿو. سندس خيال آهي ته ادب جو مستقبل نوجوان نسل سان وابسته آهي. تنهن ڪري هو نون شاعرن ۽ ليکڪن کي همٿائيندو رهيو آهي.
پپري شاخ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي اسٽيج تي اچڻ جو موقعو مليو. انهن جي تخليقن کي ٻڌو ويو، اصلاح ڪئي وئي ۽ انهن کي سينيئر اديبن سان ملائڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو.
ادب جي ترقي لاءِ تنقيد پڻ ضروري آهي. جيڪڏهن تخليقن تي سنجيده بحث نه ٿيندو ته ادب اڳتي وڌي نٿو سگهي. سائين عادل هن ڳالهه کي سمجهي ادبي محفلن ۾ تنقيدي بحث جو ماحول پيدا ڪيو.
يقيناً هر سٺي ڪم سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن اختلاف ۽ مسئلا به پيدا ٿيندا آهن. سائين عادل کي به پنهنجي دور ۾ اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر هن صبر، برداشت ۽ تدبر سان حالتن کي سنڀاليو.
سائين عادل جي شخصيت تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو گهرو اثر آهي. لطيف سائين جو پيغام محبت، سچائي ۽ انسانيت جو پيغام آهي. سائين عادل به ادب کي انسانيت جي خدمت جو ذريعو سمجهي ٿو سندس خيال آهي ته ادب جو مقصد صرف لفظن جي خوبصورتي نه، پر سماج ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي. جڏهن ليکڪ ماڻهن جي احساسن، ڏکن ۽ اميدن کي بيان ڪندو آهي ته اهو ادب سماج ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو.
جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ پپري جي تاريخ تي نظر وجهجي ته سائين اصغر عادل قريشي جو دور هڪ روشن دور طور ياد رکيو ويندو. ان عرصي دوران ادبي سرگرمين ۾ واڌ ٿي، نوجوانن جي شموليت وڌي ۽ فڪري بحث مباحثن کي نئون رخ مليو.
اهو سڀ ڪجهه سندس خلوص، محنت ۽ قيادت جو نتيجو هو.
سنڌي ادب کي هميشه اهڙين شخصيتن جي ضرورت رهي آهي، جيڪي علم، محبت ۽ انسانيت جي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻائين. سائين اصغر عادل قريشي به انهن ئي شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي عمل سان ادب جي دنيا ۾ هڪ نئين روشني پيدا ڪئي آهي.
اهڙا ماڻهو ئي ڪنهن به ادبي اداري جو اصل سرمايو هوندا آهن. انهن جي خلوص، محنت ۽ محبت جي ڪري ادبي ادارا زندهه رهندا آهن ۽ سماج ۾ فڪري تبديلي آڻيندا آهن.
0 تبصرے