ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رينجرز سنڌ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڪراچي ملير ۾ ٻن قاسم جي علائقي سنڌي ڳوٺ مان ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ۔ ترجمان رينجرز موجب گرفتار جوابدارن ۾ راجب عرف راجو ولد خادم حسين، منير علي چانڊيو عرف منو ولد جمن چانڊيو ۽ عبدالجبار عرف باقر ولد دين محمد شامل آهن۔ ڪارروائي دوران جوابدارن وٽان هڪ موٽر سائيڪل، پنج جعلي نمبر پليٽون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي۔ابتدائي جاچ موجب جوابدار پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ شاهه لطيف ٽائون، قذافي ٽائون، ظفر ٽائون، پيپري، علي محمد ڳوٺ، اسٽيل ٽائون، قائد آباد، منگھو پير روڊ، نيو ليبر ڪالوني ۽ گلشن حديد سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ هٿيارن جي زور تي شهرين کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦرڻ جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن۔ رينجرز اختيارين موجب جوابدار گهٽي وارين وارداتن کان علاوه اسٽيل ملز واري علائقي مان لوهه ۽ ٽامو چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ پڻ ملوث آهن۔ ترجمان موجب گرفتار جوابدار عادي ڏوهاري آهن ۽ انهن خلاف شهر جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي هٿ ڪيل سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي۔
0 تبصرے