آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن سنڌ طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي تي سخت ردعمل

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گريڊ وار 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ملازمن جي پيٽ ۾ ڇرو هڻڻ برابر آهي: مقبول حسين مهر

آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن سنڌ طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي تي سخت ردعمل

شڪارپور (احسان ابڙو ) آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن (ايپڪا) سنڌ طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي تي سخت ردعمل آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن (ايپڪا) سنڌ جي صوبائي صدر مقبول حسين مهر، صوبائي سينئر نائب صدر اول عبدالوهاب ڪاغذي، صوبائي نائب صدر آغا شعيب خان پٺاڻ، صوبائي نائب صدر عبدالڪريم ڀانڊ، صوبائي پريس ترجمان محمد بخش ڪنڀر ۽ صوبائي اڳواڻن محمد اعظم عالماڻي، آغا خداداد ۽ محمد مراد سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت پاڪستان طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گريڊ وار 5 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪرڻ جو فيصلو ملازمن جي پيٽ ۾ ڇرو هڻڻ جي برابر آهي ھنن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي جو فيصلو انتهائي افسوسناڪ، غير منصفاڻو ۽ ملازم دشمن قدم آهي۔ هن فيصلي سان اڳ ئي مهانگائي، بجلي، گئس ۽ ضروري شين جي وڌندڙ اگهن سبب پريشان لکين سرڪاري ملازم ۽ سندن خاندان وڌيڪ شديد معاشي بحران جو شڪار ٿي ويندا۔ ايپڪا سنڌ جي اڳواڻن چيو ته حڪومت کي گهرجي ها ته موجوده مهانگائي جي طوفان ۾ سرڪاري ملازمن کي رليف فراهم ڪيو وڃي ها، پر ان جي ابتڙ پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪري ملازمن کي وڌيڪ مشڪلاتن جي دلدل ۾ ڌڪيو پيو وڃي۔ هنن چيو ته سرڪاري ملازم اڳ ئي محدود وسيلن ۾ پنهنجي خاندانن جي گذر بسر ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ 5 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول ناهي۔اڳواڻن واضح ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت هن فيصلي کي فوري طور واپس نه ورتو ته ايپڪا سنڌ پوري صوبي ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي۔ هنن چيو ته ملازمن جي معاشي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن آئيني ۽ جمهوري رستو اختيار ڪيو ويندو۔ آخر ۾ ايپڪا سنڌ جي اڳواڻن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مجوزه ڪٽوتي وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ مهانگائي جي تناسب سان ملازمن کي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ملڪ ڀر جا سرڪاري ملازم احتجاج جو رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، جنهن جي سموري ذميواري حڪومت تي عائد ٿيندي۔