نوشهروفيروز ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

ريلي امام بارگاه نجف کان ٺاروشاه اسٽاپ تائين ڪڍي وئي، شهرين، مذهبي اڳواڻن ۽ نوجوانن جي شرڪت

نوشهروفيروز ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

نوشهرو فيروز (ڊر)نوشهرو فيروز ۾ جمعي جي ڏينهن يومِ القدس جي موقعي تي اصغريا آرگنائيزيشن پاڪستان ضلع نوشهرو فيروز پاران فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي لاءِ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔ ريلي امام بارگاه نجف سنڌ کان شروع ٿي ٺاروشاه اسٽاپ تائين پهتي، جنهن ۾ شهرين، مذهبي اڳواڻن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ريلي دوران مظاهرين فلسطين جا جهنڊا کڻي اسرائيل جي ظلمن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ “آمريڪا مرده باد” ۽ “اسرائيل مرده باد” جا نعرا هنيا۔ ريلي جي اڳواڻي مولوي يوسف حسيني، عرفان علي چنه، مولانا غلام شبير ترابي، ناصر مهدي، سقلين بلوچ، اياز حسين عمراڻي ۽ توفيق حيدر سميت ٻين اڳواڻن ڪئي۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته يومِ القدس جو مقصد فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ عالمي ضمير کي جاڳائڻ آهي۔ هنن چيو ته اسرائيل پاران فلسطينين تي جاري ظلم انسانيت خلاف ڏوهه آهن، جن جي عالمي سطح تي مذمت ٿيڻ گهرجي۔ مقررِين وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران خطي ۾ جارحيت سبب بيگناهه انسانن جو رت وهي رهيو آهي، جڏهن ته ايران خلاف ڪيل حملن به خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ هنن چيو ته ظلم ۽ زيادتي جي باوجود فلسطين ۽ ايران جا عوام ثابت قدم آهن ۽ آخرڪار حق جي فتح ٿيندي۔ ريلي جي پڄاڻي تي فلسطين جي آزادي، شهيدن جي بلند درجن ۽ امتِ مسلمه جي اتحاد لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون۔