ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌبارڪائونسل ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي ۾ پيش آيل واقعي تي اهم ڪارروائي ڪندي 6 وڪيلن جا لائسنس عارضي طور معطل ڪري ڇڏيا آهن. اهو فيصلو 12 مارچ 2026 تي ڊسيپلينري ڪميٽي طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ ڪيو ويو آهي۔سنڌ بار ڪائونسل موجب واقعي بابت جاچ دوران سڄي رڪارڊ، لاڳاپيل ڌرين جا بيان ۽ واقعي جي وڊيو فوٽيج جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي پنهنجي راءِ ۾ چيو آهي ته هي معاملو انتهائي سنجيده نوعيت جو آهي جنهن سان وڪيلن جي ڪاري ڪوٽ جي وقار کي سخت ڇيهو رسيو ۽ پوري قانوني برادري کي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو۔حڪم نامي موجب جن وڪيلن جا لائسنس معطل ڪيا ويا آهن انهن ۾ عتيق الرحمان جونيجو، عاطف ابڙو، اسرار اعظم، آغا فيروز، نياز نوہ پوٽو ۽ آغا اسد شامل آهن۔ معطلي دوران انهن وڪيلن کي ڪنهن به عدالت ۾ پيش ٿيڻ،وڪيلن جي وردي پائڻ ۽ بار رومز يا لائبريرين جون سهولتون استعمال ڪرڻ کان به روڪيو ويو آهي پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته معاملي جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ انهن وڪيلن کي ڊسيپلينري ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ سمن جاري ڪيا ويندا جتي هو پنهنجو موقف پيش ڪندا، جنهن کان پوءِ قانون موجب سندن لائسنس رد ڪرڻ يا ٻي ڪارروائي بابت فيصلو ڪيو ويندو۔ٻئي طرف ڪميٽي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس عملدارن جي روين تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔ رپورٽ موجب ايس ايچ او جاويد ابڙو تي ڊيوٽي ۾ لاپرواهي ۽ وڪيلن خلاف غير ضروري طاقت استعمال ڪرڻ جا الزام سامهون آيا آهن۔ جاچ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٿاني جي اندر وڪيلن سان مبينا تشدد ڪيو ويو جنهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج به ڪميٽي وٽ موجود آهي۔سنڌ بار ڪائونسل جي ڪميٽي پوليس جي اعليٰ اختيارين کي سفارش ڪئي آهي ته ايس ايچ او ۽ ٻين لاڳاپيل اهلڪارن خلاف قانون مطابق ڊسيپلينري ڪارروائي ڪئي وڃي۔ ان کان علاوه ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته ان واقعي ۾ شامل انهن ماڻهن خلاف به جاچ ڪئي وڃي جيڪي وڪيل نه هئا پر ڪاري ڪوٽ پائي واقعي واري هنڌ تي موجود هئا يا انهن وڪيلن سان گڏ آيا هئا۔
0 تبصرے