ٺٽو: امام بارگاهه سجاده سخي ڏاتار پيرپٺي ۾ فلسطين ۽ ايران جي حق ۾ ريلي

انجمنِ سجاده سخي ڏاتار جي اڳواڻن شاھ جان شاھ راجا شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ٺٽو: امام بارگاهه سجاده سخي ڏاتار پيرپٺي ۾ فلسطين ۽ ايران جي حق ۾ ريلي

ٺٽو ( شفيق ڀٽي )امام بارگاهه سجاده سخي ڏاتار پيرپٺي۾ مؤمنن پاران مظاهرو فلسطين جي حق ۾ ۽ اسرائيل خلاف بينر ۽ پلي ڪارڊ به کنيا ويا هئا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن “اسرائيل مرده باد” ۽ “فلسطين زنده باد” جا نعرا هنيا. جلسي کي خطاب ڪندي انجمنِ سجاده سخي ڏاتار جي اڳواڻن شاھ جان شاھ راجا شاھ مولوي غلام اصغر نجفي ارشاد شاھ لالا تنيو حسيني ساجد سنڌي منٺار علي شاھ چيو ته يوم القدس جو مقصد دنيا کي ياد ڏيارڻ آهي ته فلسطين جي مظلوم عوام اڃا تائين اسرائيلي ظلم ۽ جارحيت جو شڪار آهي. هنن آچيو ته مسلمان امت کي فلسطينين جي حقن جي حمايت جاري رکڻ گهرجي ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. مقررِين وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ ان جا حامي طاقتون فلسطينين جي جدوجهد کي دٻائي نٿيون سگهن، ڇو ته حق ۽ سچ جي فتح يقيني آهي. هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم بند ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ريلي جي پڄاڻي تي فلسطين جي آزادي، شهيدن جي بلند درجات ۽ امت مسلمه جي اتحاد لاءِ دعا پڻ گهري وئي.