نوشهروفيروز ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي ظاهر ڪرڻ ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ ريلي

جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاڪستان ۽ شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان طرفان عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي ظاهر ڪرڻ ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ ريلي

نوشهرو فيروز(ڊ ر) قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي جي حڪم تي فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي ظاهر ڪرڻ ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاڪستان سيهوڻ ڊويزن ,ضلع نوشهرو فيروز ۽ شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان ضلع نوشهرو فيروز جي طرفان هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي۔ ريلي جو آغاز مسجد ۽ امام بارگاه ابو طالب عليه السلام کان ٿيو، جيڪا مختلف رستن تان گذرندي پريس ڪلب نوشهرو فيروز تي پهچي اختتام پذير ٿي۔ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي ظلم خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو۔ريلي ۾ صوبائي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان سنڌ زوار دوست علي ونگاني، ضلعي صدر ايس يو سي ايڊووڪيٽ سيد زاهد علي شاه، ضلعي جنرل سيڪريٽري ايس يو سي مولانا امجد علي جعفري، ڊويزنل صدر جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاڪستان سيهون ڊويزن برادر احسن علي ايماني سميت ضلعي ڪابينا، تعلقه صدر، جنرل سيڪريٽريز، ٻين عهديدارن، ڪارڪنن، ميمبرن، علماءِ ڪرام ۽ مؤمنين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔