ھڱورجا ۾ به جمعته الوداع جي موقعي تي يوم المقدس ريلي ڪڍي وئي

فلسطين جي آزاديءَ لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف، ايران ، فلسطين ۽ دنيا جي مظلومن جي حمايت ۾ ريلي

ھڱورجا ۾ به جمعته الوداع جي موقعي تي يوم المقدس ريلي ڪڍي وئي

ھڱورجا(رپورٽر)سڄي دنيا جيان هنڱورجا ۾ بہ جمعته الوداع جي موقعي تي يوم المقدس جي مناسبت سان تنظيم حي عليٰ خير العمل ھنڱورجا پاران فلسطين جي آزاديءَ لاءِ آمريڪا و اسرائيل جي خلاف ، ايران ، فلسطين ۽ دنيا جي مظلومن جي حمايت ۾ منظور حسين جھانگر،مولانا شبير حسين نجفي،مولانا محمد ابراھيم خاڪي،مولانا نجف علي ڪوثري ،ڄام محبت علي سھتو ،جواد حسين ملاح ، زوار لياقت علي دايو ،آء ايس او سکر ڊويزن جي صدر ميثم عباس ملاح ،مولانا سيد الطاف حسين شاھ،ڊاڪٽر ضمير حسين کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جامعہ اماميه مسجد کان شروع ٿيل جلوس شهر جي مختلف رستن مڇر چوڪ، پنجھٽي بازار ۽ امام بارگاهه ٻارهن امام کان ٿيندو نيشنل هاءِ وي تان گذري پريس ڪلب هنگورجا پهتو.ان دوران جلوس جي شرڪاء آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ فلسطين جي مظلوم مسلمانن، ايران ،عراق، لبنان، يمن ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي نعري بازي ڪئي اڳواڻن مختلف جاين تي خطاب دوران قبله اول جي آزادي ۽ عالمي سطح تي ايران جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪندي حڪومت پاڪستان کان به مظلومن جي حق ۾ بيھڻ جو مطالبو ڪيو حڪومت پاران ايران جي خلاف ٺھراء جي حمايت جي مذمت ڪندي حڪمرانن کان ايران سان گڏ بيھڻ جي گھر ڪئي.