باقراڻي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان پاران يوم القدس ريلي ڪڍي وئي

مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ظلم، بربريت خلاف سخت نعريبازي.

باقراڻي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان پاران يوم القدس ريلي ڪڍي وئي

باقراڻي : باقراڻي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان پاران يوم القدس ريلي ڪڍي وئي، مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ظلم، بربريت خلاف سخت نعريبازي. ملڪ جي ٻين شهرن جيان باقراڻي ۾ به يوم القدس جي سلسلي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان تعلقي باقراڻي پاران سيد اظهر حسين شاھ، مولانا امير علي ميمڻ، مولانا غلام شبير شاهه، محمد حسن ڪنڀر، امداد علي عباسي، مولانا رجب علي فرقاني، سيد عاقب علي شاهه بخاري، سيد محمد علي شاھ، صدام حسين انڙ، امان الله عرف امن ميمڻ ، عبدالجبار دايو ،علي گل ميمڻ، ماجد عباسي،حب علي انڙ، سرائي فرمان جتوئي، مولا بخش ڀاڳت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جمعي نماز کان پوءِ آل عمران مسجد کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي تعلقا پريس ڪلب باقراڻي پهتي، جتي مظاهرين اسرائيل ۽ آمريڪا جي جارحيت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي شيعا اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته قبله اول تي اسرائيلي ناجائز قبضي کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، ايران ۽ فلسطينين تي بمباري جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا، آمريڪا ۽ ناجائز رياست اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملا دهشتگردي آهي،هاڻ پوري امت مسلمہ متحد ٿي عالمي دهشتگرد آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف آواز بلند ڪن.