ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ: سماج جي تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ مسيحا

حسن پٺاڻ

ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ: سماج جي تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ مسيحا

سنڌ جي سياسي ۽ فڪري تاريخ ۾ ڪي اهڙا ڪردار به ملن ٿا، جيڪي وڏن عهدن يا وڏين ڪاميابين سان نه، پر پنهنجي سچائي، علمي مزاج ۽ بي داغ جدوجهد سبب ياد ڪيا ويندا آهن. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ اهڙن ئي ڪردارن مان هڪ هو. هو انهن سياسي ڪارڪنن مان هو، جيڪي سياست کي اقتدار يا ذاتي فائدي لاءِ نه، پر فڪر ۽ نظريي جي تسلسل طور ڏسندا آهن. سندس زندگيءَ جو وڏو حصو سياسي بحث مباحثي، مطالعي، لکڻ پڙهڻ ۽ سياسي ڪارڪنن جي تربيت ۾ گذريو. 11 اپريل 1947ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي (هاڻوڪي قمبر شهدادڪوٽ) وارھ شهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي شخصيت ۾ هڪ عجيب سنگم هو، هڪ طرف هو ميڊيڪل جو پڙهيل ڊاڪٽر هو، ٻئي طرف سياسي نظريي جو گهرو مطالعو ڪندڙ فڪري ماڻهو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ تعليم دوران ئي هو کاٻي ڌر جي سياست ڏانهن مائل ٿيو ۽ ڪميونسٽ فڪر سان وابستگي اختيار ڪيائين. ان دور ۾ سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ سياسي تحريڪن جو زور هو، جتي شاگرد صرف پڙهائي تائين محدود نه هئا، پر سماجي تبديليءَ جي خوابن سان به سلهاڙيل هئا. ڊاڪٽر ارباب به انهن خواب ڏسندڙ نوجوانن مان هو. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي سياسي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو نظرياتي بحثن ۽ سياسي تنظيم سازيءَ سان لاڳاپيل رهيو. هو جيئي سنڌ تحريڪ سان پڻ جڙيل رهيو، پر بعد ۾ سائين جي ايم سيد سان اختلافن سبب ان کان ڌار ٿي ويو. ان کان پوءِ هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي پروگريسو جيئي سنڌ ۽ پوءِ وطن دوست انقلابي پارٽي جهڙيون تنظيمون ٺاهيون. انهن تنظيمن جو مقصد صرف سياست ڪرڻ نه، پر هڪ فڪري ۽ نظرياتي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ هو. ڊاڪٽر ارباب سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪيترائي سياسي ڪارڪن اڄ به اهو اعتراف ڪن ٿا ته هو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ وسيع مطالعي وارو شخص هو. سندس ڪچهريون صرف عام سياسي ڳالهيون نه هونديون هيون، پر گهري فڪري بحثن سان ڀرپور هونديون هيون. خاص طور تي هو بار بار اهو سوال اٿاريندو هو ته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي سماج ۾ پيداوار جو طريقو ڪهڙو آهي؟ ڇا هتي سرمايا داري غالب آهي يا اڃا تائين جاگيرداراڻي ڍانچي جو اثر برقرار آهي؟ اهو سوال سندس لاءِ صرف علمي بحث نه هو. سندس خيال ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي جي حڪمت عملي ۽ تنظيم جو ڍانچو سماج جي معاشي ڍانچي کي سمجهڻ کان سواءِ طئي نٿو ٿي سگهي. ان ڪري هو ان موضوع تي گهڻو وقت بحث ڪندو هو. سندس خيال ۾ سنڌ جي سماج کي سمجهڻ کان سواءِ سياسي تبديليءَ جو ڪو به پروگرام اثرائتو نٿو ٿي سگهي. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو هڪ ٻيو اهم پاسو اهو هو ته هو سياسي ڪارڪنن جي تربيت تي زور ڏيندو هو. ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ آهي ته 1978ع کان وٺي 1989ع تائين جو عرصو سندس سياسي سرگرمين جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو دور هو. ان عرصي دوران هن سياسي ڪارڪنن کي پڙهڻ، لکڻ ۽ تجزيو ڪرڻ جي عادت وڌائي. سندس ليڪچر ٻڌڻ لاءِ مختلف شهرن مان ماڻهو ايندا هئا. اهو ئي سبب هو جو کاٻي ڌر جي مختلف پارٽين جا ڪارڪن کيس عزت جي نگاه سان ڏسندا هئا. هو شايد وڏو سياسي اڳواڻ نه بڻجي سگهيو، پر هڪ سياسي استاد طور سندس ڪردار اهم رهيو. هن ڪيترن ئي نوجوانن کي سياسي سوچ ۽ تجزئي جي راهه ڏيکاري. ڊاڪٽر ارباب جي زندگيءَ جو هڪ دلچسپ پهلو اهو به هو ته هو هڪ سٺو ليکڪ به هو. هن “ارباب سنڌي” جي نالي سان ڪهاڻيون لکيون، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکيا. سندس هڪ ڪتاب “عوامي جمهوري انقلاب” 1987ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سماجي تبديليءَ بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. ان کان سواءِ سندس هڪ ٻيو ڪتاب سنڌو سڀيتا بابت پڻ لکيل هو، جيڪو اڃا تائين اڻڇپيل مسودي جي صورت ۾ موجود آهي. ان ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ رسول ميمڻ لکيو هو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ جڏهن دنيا ۾ کاٻي ڌر جي سياست بحران جو شڪار ٿي، تڏهن ڊاڪٽر ارباب به ان صورتحال کان متاثر ٿيو. سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ به کاٻي ڌر جي سياست لاءِ سازگار حالتون گهٽ هيون. هتي صنعتن جي کوٽ ۽ ڪارخاني مزدورن جي محدود تعداد سبب مزدور تحريڪ مضبوط نه ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ ڪيترن ڪارخانن ۾ ٻاهرين صوبن جا مزدور ڪم ڪندا هئا، جن جا مفاد مقامي مزدورن کان مختلف هوندا هئا. اهڙي صورتحال ۾ هڪ مضبوط ڪميونسٽ ڪيڊر ٺاهڻ آسان نه هو. ڊاڪٽر ارباب جي زندگيءَ جو هڪ اهم ۽ قابلِ قدر پاسو اهو هو ته هن ڪڏهن به سياست کي ذاتي فائدي لاءِ استعمال نه ڪيو. معاشي طور هو سڄي زندگي ڏکين حالتن مان گذرندو رهيو، پر هن پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو. هو واقعي روايتي سياستدان نه هو. هو سازشن، مفادن ۽ اقتدار جي راند کان پري رهندڙ ماڻهو هو. ان ڪري هو شايد اقتدار جي سياست ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، پر اخلاقي طور هڪ بي داغ سياسي ڪارڪن طور سڃاتو ويندو. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي زندگيءَ جو آخري حصو ڪراچي ۾ گذريو. گلشن حديد ۾ رهائش دوران سندس سرگرميون محدود ٿي ويون. هو گهڻو ڪري خاموش زندگي گذاريندو رهيو. آخرڪار 13 مارچ 2016ع تي بيماري سبب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پر سوال اهو آهي ته ڊاڪٽر ارباب جهڙن ماڻهن کي تاريخ ڪيئن ياد رکندي؟ شايد هو وڏن سياسي اڳواڻن جي قطار ۾ نه ايندو، پر هڪ فڪري ڪارڪن ۽ ايماندار دانشور طور ضرور ياد ڪيو ويندو. هن پنهنجي دور جي ڪيترن ئي نوجوانن کي سياسي شعور ڏنو. ڪيترن کي پڙهڻ ۽ سوچڻ جي راهه ڏيکاري. اهو به سچ آهي ته هر جدوجهد کي فوري ڪاميابي نٿي ملي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجي دور ۾ ناڪام نظر ايندا آهن، پر سندن فڪر ايندڙ نسلن لاءِ رستو هموار ڪندو آهي. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ به اهڙن ماڻهن مان هو. هو شايد وڏي سياسي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو، پر سندس زندگيءَ جي سچائي ۽ فڪري وابستگي کيس هڪ الڳ مقام ڏئي ٿي. هو انهن ماڻهن مان هو، جيڪي پنهنجي دور جي سياسي ۽ سماجي تضادن سان جهيڙيندي زندگي گذاري ويندا آهن. اڄ جڏهن سندس ورسيءَ جي موقعي تي کيس ياد ڪيو وڃي ٿو ته اهو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهڙن بي لوث ڪارڪنن جو ڪردار وسارڻ نه گهرجي. انهن ماڻهن پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪيو. شايد اهي اقتدار تائين نه پهتا، پر سندن جدوجهد تاريخ جو حصو بڻجي وئي. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ به اهڙي ئي تاريخ جو هڪ باب آهي، هڪ اهڙو باب، جنهن ۾ جدوجهد آهي، فڪر آهي، اصولن سان وابستگي آهي ۽ هڪ بي داغ زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن کان مٿي ٿي سماج جي تبديليءَ جو خواب ڏسندا آهن، تاريخ انهن کي وساري نٿي سگهي. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ به انهن مان هڪ هو، جيڪو پنهنجي دور جو سچو سپوت ٿي گذريو.