English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪھاڻيڪار ممتاز مھر سکر-بکر کان ڪراچيءَ تائين....!
50 views
|
12th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عبدالواحد سومرو
ممتاز مھر! سکر کان ڪراچي تائين ھڪ ھيو، ھو پنھنجي دنيا جو ھڪ اھڙو لکاري ھيو، جيڪو وارو وڄائي ويو، ھن جي حياتي جتي ھاڻ انت ٿيو آھي ڪنھن جو وس نٿو رھي جو اتان واپس وري، پر مون کي چوڻ ۽ لکڻ ڏيو تھ ھو الڳ ٿلڳ جيڪر ڪا مخلوق جو رھاوسي ۽ باسي ھو، ساھھ، گوشت، پوسٽ جو ڍانچي وارو انسان ھيو، جنھن پنھنجي ھڪ دنيا جوڙي وتي ھئي، جو رسائي ھاڻ ممڪن ناھي، ھو ڪھانيڪار ھو، فرق نٿو پوي، تنقيد نگار ھو ڪو فرق نٿو پوي، مضمون نگار ھو فرق نٿو پوي، فسلفو پڙھيل ھو ڪو بھ فرق نٿو پوي، جديد ادبي ڌارائن رجحانن لاڙن فڪري سياسي سماجي ڌارائن کان واقف ھو اھو سڀ اھي ڳالھيون سڀ زندگيءَ سان جڙيل ھيون جيڪي ختم ٿي ويون!
ممتاز مھر انھن ڌارائن کان پوءِ ھڪ منفرد مزاج ۽ تحريرون جنھن جي انفراديت، خوشبو، پنھنجي ھئي، تجربن مشاھدن باوجود بھ ھن جو تحرير جو انداز سلوب، پيش ڪش ڪرڻ، بيان ڪرڻ جو وٽ انوکو انداز ھن جي محنت جي ئي دين ھو، ان جي اھا ڪاميابي آھي جو اڄ بھ مرتئي بعد ھو بحث ۾ آھي، ھن جي ميت ۾ ماڻھو ٿورا ھئا، ڪھڙو ٿو فرق پوي!
سرڪاري اديب، بيوروڪريٽ، ڏاھا، مھا دانشور موجود نھ ھئا، ڪو فرق نٿو پوي، سيصاسي، سماجي ادبي گڙنگ، گاڏين وارا ماڻھو نھ ھئا، ڪو فرق نٿو پوي. فرق ڇو نٿو پوي تھ ھو سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ ھو، بيو اھو تھ مرتب نھ ھو، مترجم نھ ھو، ھو واقعي ۾ ھڪ ڏتڙيل طبقي جي،پورھيت طبقي، ھاري ناري شاگردن جو ليکڪ ھو، ان جي ڪري وٽس، نئين ٽھيءَ جا ليکڪ ھن سان ميل جول، مختصر ئي سھي پر اردگرد رھندا ھئا، ھو سادو سودو ھو، ڪلف ڪاٽن ڪلچر واسڪوٽي، سفاري سوٽيڊ بوٽيڊ روليڪس گھڙيءَ پھريل، وڏن وڏن ھوٽلن تي دعوتون، شامون ملھائڻ وارن مان نھ ھو، ھو ان کان پري ھو.
ٻيو تھ ھو تخليقڪار بھ ھو، اھو بھ اھڙو تھڙو ڇا؟ بلڪ ھڪ نرم نرم بجاءِ گرم دونھيندار، ڌماڪيدار تنقيد نگار ھو جنھن جي ڪري بھ ھن کان لکاري خوف کائيندا ھئا. ڇا او ڪمال نھ آھي جو ھن جي موت تي اڄ ڪتابن جو تذڪرو ڪري خبر ناھي ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاھين! پر....پر...سچ پچ ھن جي ان چونڊ، مختصر، ٿوري ڪم جي ڳالھھ ڪري پنھنجو لڪل اظھار تھ نھ آھي، تھ ھن جي ٿوري ڪم باوجود بھ نظر انداز، ڪري اڳتي وڌي وڃبو تھ اھو ايترو چوڻ ۾ آسان ھجي پر ممڪن ناھي.
اھو ھن جي چونڊ ادبي پونجي مان ڪھاڻين کان اڳتي وڏي نڪري اڳتي ھلجي تھ بھ ممڪن ناھي.تنقيد کي ڇڏي اڳتي وڏي نڪري وڃبو تھ بھ آسان ناھي، ان جي ڪري حمايت، مخالفت نظر انداز ڪرڻ جي باوجود بھ ٻنھي محاذن تي ڇا بيٺل مورچي مثل ڪھاڻيڪار آھي، بندوق نھ پر ھن وٽ قلم ھٿ ۾ ھٿيار وانگر آھي، جيڪو تنقيد تي صورت ۾ تحرير تي حملو ڪندو رھي ٿو، ائين “ويچار” کي پاسي ڪري ڌار ڪري تنقيد واري پاسي تي اڳتي نڪري تھ ڏيکارجي؟!
ائين “جڏھن مان چوھٺ جو ھوندس”، “چنڊ تي اڪيلو سنڌي” ڪھاڻي کي ٻڌي اڳتي ڪيئن ھلبو؟!
مقصد مطلب تھ واقعي ۾ ھو بار بار چوندو ھو تھ “چونڊ ۽ ٿورو لکيو آھي” پر ھن ڪڏھن بھ اڳتي وڌي، ادارن کي چيو ھجي تھ ڪو سندن ڪتاب ڇپرائي ؟! ڪڏھن بھ نھ، ڇو تھ ھن جا ڪجھھ سال اڳ بھ انعام عباسيءَ صاحب ڪتاب ڇپرايا ھئا، ھن جي “آتم ڪٿا” بھ نھ ڇپجي سگھي، اڄ بھ ڇپجڻ جي انتظار ۾ آھي ان بابت بھ ڪجھھ دوستن کي معلومات ھوندي.
ممتاز مھر! جنھن جي ڳالھھ تحريرن ان جي معيار تي بحث بجاءِ موت ۽ جنازي تي ڪيترائي ماڻھو ھيا. ان جو ھو زندھ ھو تڏھن بھ بي نياز، بي پرواھھ ھوندو ھو، ھاڻ تھ ھو حال حيات ناھي تھ ھُن تي ڪھڙو ٿو فرق پوي.
ھن جا ڪتاب:
1.زندگيءَ جو وھڪرو (ڪھاڻيون)
2.ويچار (ادبي تنقيد)
3.سنڌي ڪھاڻي جي اوسر (تنقيدي جائزو)
4.منزل (ڪھاڻيون)
ممتاز مھر 9 مارچ 1942ع ۾ پيدا ٿيو، ھن جي والد جو نالو سليمان ھيو، ھن جو زندگيءَ جو سفر سکر، بکر، روھڙيءَ جي آستانن کان ھلندو رھيو اچي ملير تي حياتيءَ جو ڏيئو اجھامي ويو.
ڪراچي جي پر امن ماحول واري دور جو رھواسي ھو، ترقي پسند خيالن، سوچ لوچ وارن جي سٿ سان جڙيل رھيو، لياريءَ ۾ وڏو عرصو رھيو، اتي ھٿ وٺي جڏھن حالتون خراب ڪيون ويون تھ ھن گھر تبديل ڪيو، محمود آباد جي علائقي کان ملير جي تازي رھائش تائين ھن جو سفر ساڳئي مزاج سان ھلندو رھيو.
ممتاز مھر-ريگل چوڪ-اُتي ۽ ان روڊ تي اسان ٻنھي تھ ڪڏھن وڏن اديبن جي ساٿ ۾ سفر ڪيو، پئراڊائيز جي ڀرسان ممتاز مھر ٻڌائيندو ھو تھ “پياڪ” ھوٽل ھو، اچي چڪو روح جي راحت تھ ڪڏھن ادبي ڌارائن تي ويچار ڪندي گذاربو ھو.”
ھن ئي روڊ “وڪٽوريا روڊ” جنھن کي “ھارون” روڊ سڏجي ٿو اتي “جبيز ھوٽل” جي عروج، ڪھاڻي قافلي جي ھڪ ٻئي وڏي ڪھاڻيڪار نسيم کرل جي اچي رھڻ، ٻڌڻ جو ھلڪو ذڪرو ڪرڻ کان ويندي ڪراچيجي ڌرتي ڄاون اصلوڪي لوڪن جي شاندار ملڪيتن، عمارتن مان ھڪ عمارت “راڪ منزل” اڄ پنھنجي آب تاب جي گواھي ڏئي رھي آھي.
ممتاز مھر راڪ منزل ڪھاڻي ۾ ھتان جي ئي سنڌيءَ جي ماحول کي چٽيو آھي، ڪڏھن ڪڏھن ٿامس ڪتاب گھر تي بھ گڏجي ڪتاب گھر ڏٺو. بھرحال-ممتاز بھ ھڪ انسان ھيو، ٻيو تھ سنڌيءَ جو ليکڪ ٽيون تيز تنقيد ڪندڙ، تھ پوءِ ان کي ڪير قبول ڪري! ڇو تھ تنقيد ڪير ٿو قبول ڪري، اسان وٽ تھ واھھ واھھ وارو رجحان وڌيڪ حاوي آھي تھ پوءِ ممتاز وري....ممتاز جي تنقيد....ھُون....پاڻ کي ڇا ٿو سمجھي؟!
بس....بس....ٻين کي ٿو لوئي.....! وغيرھ وغيرھ
نيٺ وارن جملن کي ڇڏي باقي جيڪا ممتاز مھر “ويچار” ۾ تنقيد ڪئي آھي، اھا تھ پڌري پٽ پئي آھي!
ممتاز مھر جي دنيا الڳ ھئي، ان جو ماحول، مزاج، اڪيلائي، تنھائي، پروگرامن ۾ گھٽ شرڪت ڪرڻ باوجود بھ ھو تبصرن ۾، تذڪرن ۾، طعنن تنڪن ۾ چوڻ ڏيو تھ ھو گھڻو پري، ڪٽيل ڪنڊ ۾ موجود رھيو، ھو شور شرابو، شان مان، مان....مان....بجاءِ، ھام، ڊاڙ بجاءِ پنھنجو ھن جو لکڻ جو توڙي زندگيءَ گذارڻ جو انداز ھيو، جيئن بھ جيترو بھ، جھڙو بھ ھن ڪردار ھيس ادا ڪري ويو، ان کان ھٽي ڪري، ان جي ڪيل تخليقي، قلمي پورھيي کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي!
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں تیل و گیس کے ذخائر کے باوجود نہ گیس ہے نہ مقامی لوگوں کو روزگار
12th Mar 2026
•
شوبز
لالي ووڊ کے سینئر اداکار عاصم بخاری انتقال کر گئے
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں تیل و گیس کے ذخائر کے باوجود نہ گیس ہے نہ مقامی لوگوں کو روزگار
12th Mar 2026
•
شوبز
لالي ووڊ کے سینئر اداکار عاصم بخاری انتقال کر گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عبدالواحد سومرو
0 تبصرے