ٺٽو: عدالتي ڇاپي دوران ور چوڪي مان باندي بڻايل شهري بازياب

ڪنزيومر اينڊ سول جج صيف الله دستي ور چوڪي تي اوچتو ڇاپو هڻي عبدالرحمان چانڊيو کي بازياب ڪرائي ورتو

ٺٽو: عدالتي ڇاپي دوران ور چوڪي مان باندي بڻايل شهري بازياب

ٺٽو( شفيق ڀٽي)گھوڙاٻاري ور شھر ۾ ڪنزيومر اينڊ سول جج جو ور چوڪي تي ڇاپو، ناحق ويهاريل شهري بازياب، پوليس اهلڪار عدالت طلب، گھوڙاٻاري: ور شھر ۾ ڪنزيومر اينڊ سول جج صيف الله دستي ور چوڪي تي اوچتو ڇاپو هڻي ناحق ويهاريل شهري عبدالرحمان چانڊيو کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته واقعي بابت اي ايس آءِ دلنواز پٺاڻ ۽ منشي جبار بٽ کي صبحاڻي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب چوڪي تي موجود پوليس اهلڪارن عبدالرحمان چانڊيو کي بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي ويهاري رکيو هو. ڇاپي دوران اي ايس آءِ دلنواز پٺاڻ جج صاحب کي ٻڌايو ته مذڪوره شخص کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي پر فيصلي لاءِ ويهاريو ويو آهي. ان تي جج صيف الله دستي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته چوڪي عدالت ناهي ۽ نه ئي وڏيري جي اوطاق آهي جتي پوليس اهلڪار پاڻ فيصلا ڪن. جج صاحب فوري طور عبدالرحمان چانڊيو کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ معاملي بابت وضاحت لاءِ اي ايس آءِ دلنواز پٺاڻ ۽ منشي جبار بٽ کي صبحاڻي پيشِي لاءِ عدالت ۾ طلب ڪري ورتو. ٻئي طرف بازياب ٿيڻ بعد عبدالرحمان چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ڀائرن وچ ۾ زمين جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جيڪو هو پاڻ ۾ حل ڪندا. هن چيو ته جيڪڏهن کيس يا سندس خاندان کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار رئيس شير خان چانڊيو ۽ ملڪ حسن چانڊيو هوندا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ پوليس جي طريقيڪار بابت بحث شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهري حلقن طرفان معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو پيو وڃي.!