3اپريل تي ضلعي مان 45 بسون ۽ 200 کان وڌيڪ گاڏين جو قافلو ڳڙهي خدابخش روانو ٿيندو: ڊاڪٽر سيد نورعلي شاهه
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ پاران شھيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين يومِ شهادت جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ضلع صدر ڊاڪٽر سيد نورعلي شاهه جي صدارت هيٺ امير هائوس کاروڙو سيد ۾ منعقد ٿي، گڏجاڻي دوران ضلع جي مختلف تعلقن جي اڳواڻن طرفان رپورٽون پيش ڪيون ويون، جن ۾ ٻڌايو ويو ته شھيد قائد جي يومِ شهادت جي سلسلي ۾ ضلع عمرڪوٽ مان وڏي انگ ۾ ڪارڪن شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 3 اپريل تي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ جو قافلو ضلع صدر ڊاڪٽر سيد نورعلي شاهه جي قيادت هيٺ ڳڙهي خدابخش روانو ٿيندو، جنهن ۾ 45 بسون ۽ 200 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون گاڏيون شامل هونديون، ان موقعي تي ڳالهائيندي ضلع صدر ڊاڪٽر سيد نورعلي شاهه چيو ته ضلع عمرڪوٽ هميشه شھيد قائد جي ورسي جي موقع تي ڀرپور شرڪت ڪندو رهيو آهي ۽ هن ڀيري به ڪارڪن وڏي جوش ۽ جذبي سان پروگرام ۾ شرڪت ڪندا، گڏجاڻي ۾ ضلع سينيئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو، ضلع انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهنشام داس راٺوڙ، چيئرمين ضلع ڪائونسل حاجي بقا پلي، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل ميان خالد ولهاري، تعلقي صدر عمرڪوٽ محمد امين پلي، تعلقي صدر ڪنري شاهنواز جوڻيجو، تعلقي صدر سامارو حاجي اعجاز علي راهو، تعلقي صدر پٿورو ميان نور محمد ولهاري، سٽي عمرڪوٽ صدر عبدالله کوسو ۽ مختلف ذيلي ونگن جي صدرن شرڪت ڪئي، ان کان علاوه واحد سمون، پرويز رند، پرديپ ملاڻي، گلزاران سمون، منٺار آريسر، محمد سعيد ميمڻ، ڏاتر بخش سينهڙو، چيتن گوئيل، ملڪ محمد چانڊيو، اصغر سومرو، نند لعل ميگهواڙ، غلام رسول شاهه، حبيب الله آريسر، جنت قائمخاني، عباس رند، تلڇو ميگهواڙ، آصف ڇورو، جاويد اقبال، ڪمار ٽلواڻي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي خدمتن ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.
0 تبصرے