English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيسڪو سب ڊويزن ڪنري جي وڌيڪ ٻن فيڊرن کي لوڊشيڊنگ فري قرار ڏنو ويو
263 views
|
10th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
لوڊشيڊنگ فري ڪرڻ جي حوالي سان تقريب ۾ حيسڪو چيف فيض الله ڏاھري، ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) حيسڪو سب ڊويزن ڪنري جي وڌيڪ ٻن فيڊرن کي لوڊشيڊنگ فري ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پبلڪ پارڪ جي آڊيٽيوريم حال ۾ لوڊشيڊنگ فري ڪرڻ جي حوالي سان تقريب منعقد ٿي، جنھن ۾ حيسڪو چيف فيض الله ڏاھري، واپڊا جي عملدارن، ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ضلعي چئرمين حاجي بقا پلي ضلع ڪائونسل جي ميمبرن يوسي چئرمينن سميت بلدياتي نمائندن ۽ شھرين وڏي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سب ڊويزن ڪنري جي ٻن فيڊرن ٽالپر فيڊر ۽ قاضي سلطان فيڊر کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو ويو ۽ حيسڪو چيف فيض الله ڏاھري اھڙو اعلان ڪيو جنھن بعد واپڊا عملدارن ۽ ٻنھي فيڊرن جي علائقن جي ذميوار معزز ماڻھن پاران ايم او يوز تي صحيحون ڪيون، تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي حيسڪو چيف فيض الله ڏاھري چيو ته حيسڪو عملو مسلسل ڪوششون ڪري رڪوري بهتر ڪئي فيڊرن تي رڪوري بھتر آھي. جنھن تي اڄ ٻن فيڊرن ٽالپر ۽ قاضي سلطان فيڊر کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو آھي ۽ اھڙي طرح ڪنري جي پنج فيڊرن مان 4 فيڊر فري لوڊشيڊنگ ٿي ويا آھن ۽ باقي 1 فيڊر سٽي ٽو کي فري لوڊشيڊنگ ڪرڻ لاء ڪم جاري آھي، هن وقت تائين حيسڪو طرفان 39 فيڊرز کي فري لوڊشيڊنگ ڪري چڪا آھيون ۽ جون تائين 68 فيڊرن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏينداسين، ڪنري تقريبن لوڊشيڊنگ کان فري ٿي ويو جيڪو حيسڪو جي تاريخي ڪاميابي آھي، هن وڌيڪ چيو ته فري لوڊشيڊنگ وڏي خدمت آھي جيڪا اسان ڪئي ۽ ان جو احساس عوام کي ٿيندو، بجلي ھڪ وڏي نعمت آھي جيڪا ھر فرد جو حق آھي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ماڻھو نفسياتي مريض ٿي وي هئا ، ڪنري کي فري لوڊشيڊنگ ھڪ سٺو اعزاز آھي، بجلي چورن کي بخش نه ڪنداسين. ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته حيسڪو جي عمرڪوٽ ضلع ۾ ڪارڪردگي بهتر رهي آھي اڃان به وڌيڪ بهتري آڻيندي، بجلي جي حوالي سان ٻيا به جيڪي مسئلا آھن انهن جي حل لاء به قدم کنيا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ تيمور ٽالپر جو چوڻ ھو ته جنگ واري صورتحال آھي پيٽرول وڌڻ سبب توانائي بحران ٿيندو آھي پر جيڪو في بيرل 150 تائين پھتي اها 90 تائين ٿي وئي آھي جيڪا خوشي جي ڳالھ آھي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومت توانائي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ مڪمل ڪوششون ڪن پيا. ٻن يا چئن ھفتن ۾ توانائي بحران مان ريليف ملڻ جي اميد آھي. هن وڌيڪ چيو ته اتر وارن علائقن کان هتي امن امان جون.حالتون بھتر آھن پر چورين تي ڏک ٿئي ٿو. چوريون ٿيون آھن پر ريڪوري ڪرائي آھي ڪافي ضلعن کان هتي جي صورتحال بھتر آھي ۽ اڃان بھتر ڪنداسون. امن امان جي صورتحال.بهتر نه آھي ته ايتري خراب به نه آھي ڪنري تقريبن لوڊشيڊنگ کان آجو ٿي ويو آھي پر منھنجو خواب آھي ته عمرڪوٽ ضلعو لوڊشيڊنگ فري هجي عوام کي گذارش آھي ته بجلي چوري ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ته جئين فري لوڊشيڊنگ جو خواب پورو ڪري سگهون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيسڪو سب ڊويزن ڪنري جي وڌيڪ ٻن
ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ ٻيا شريڪ
0 تبصرے