ٿر ريلوي منصوبي بابت شڪايتن بعد جاچ ڪميٽي پاران عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي ڳوٺن جا دورا

ٿرڪول انرجي بورڊ جي ميمبر ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو جي شڪايت تي توانائي کاتي ڪميٽي قائم ڪئي هئي

ٿر ريلوي منصوبي بابت شڪايتن بعد جاچ ڪميٽي پاران عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي ڳوٺن جا دورا

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت طرفان ٿر ريلوي منصوبي سبب متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري متاثر ڳوٺاڻن کان تفصيل حاصل ڪيا، ذريعن موجب ٿرڪول انرجي بورڊ جي ميمبر ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو جي شڪايت تي سنڌ حڪومت جي توانائي کاتي ٿر ريل منصوبي سبب متاثر ٿيندڙ آبادي جي مسئلن جو جائزو وٺڻ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئيش ڪميٽي جي اڳواڻي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڪول اٿارٽي جنيد احمد ڪري رهيو آهي، جنهن عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري ريلوي ٽريڪ بابت اٿاريل معاملن جو جائزو ورتو، دورن دوران ڪميٽي ميمبرن مقامي ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪري سندن خدشن ۽ مسئلن بابت تفصيل حاصل ڪيا، ريلوي ٽريڪ آبادي وارن علائقن مان گذرڻ سبب مقامي ماڻهن ۾ ڳڻتي به ڏسڻ ۾ آئي، ڪميٽي منصوبي سان لاڳاپيل مختلف هنڌن جو معائنو پڻ ڪيو، جڏهن ته منصوبي جي اختيارين، ڪنسلٽنٽن ۽ اي پي سي ڪنٽريڪٽر طرفان ريلوي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ مقامي آبادي کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي، ڄاڻايل آهي ته ريلوي ٽريڪ سبب عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي تعلقن ڇاڇرو، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جا لڳ ڀڳ 30 ڳوٺ متاثر ٿي رهيا آهن، جن جي گڏيل آبادي 50 هزار کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي، ان موقعي تي ٿرڪول انرجي بورڊ جي ميمبر ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو چيو ته علائقي جي ترقي لاءِ ترقياتي منصوبا ضروري آهن، پر اها ترقي مقامي ماڻهن جي روزگار، زمين ۽ بنيادي حقن جي قيمت تي نه هئڻ گهرجي، هن مطالبو ڪيو ته متاثر ٿيندڙ ڳوٺن لاءِ مناسب رستا، حفاظتي انتظام ۽ منصفاڻو حل يقيني بڻايو وڃي، هوڏانهن جاچ ڪميٽي جي ميمبرن چيو ته زميني صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ متاثر علائقن جا دورا ڪري ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪيون ويون آهن ۽ سندن مسئلا ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته ڪميٽي مقرر وقت اندر پنهنجي رپورٽ لاڳاپيل اختيارين کي پيش ڪندي.