ٺٽو انتظاميه پاران بند پيل آر او پلانٽن کي فعال ڪرڻ جو سلسلو جاري

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي خصوصي هدايت تي پوري ضلعي ۾ آر او پلانٽ فعال ڪرڻ جو سلسلو جاري

ٺٽو انتظاميه پاران بند پيل آر او پلانٽن کي فعال ڪرڻ جو سلسلو جاري

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو پاران ڊي سي ٺٽو کي بند پيل آرو پلانٽن جي بحالي لا ڏنل درخواست کان پو ضلعي انتظاميا ٺٽو پاران عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ اھم قدم کڻندي پوري ضلعي جي مختلف علائقن ۾ آر او پلانٽن کي فعال ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي۔ ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي خصوصي هدايت تي پوري ضلعي ۾ غير فعال آر او پلانٽن کي بحال ڪرڻ جي جاري مهم تحت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ٽيڪنيڪل ٽيم مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي ڪيترن ئي آر او پلانٽن کي فعال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته باقي رهيل غير فعال آر او پلانٽن کي به فعال بڻائڻ لاءِ تيزي سان عملي قدم جاري آهن ۔ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت چيو آهي ته عوام کي صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته آر او پلانٽن جي بحالي سان خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي صاف پاڻي جي دستيابي ۾ نمايان سڌارو ايندو ۽ عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ٿيندي۔ هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني فعال آر او پلانٽن جي باقاعده نگراني ڪئي وڃي ۽ انهن جي ڪارڪردگي کي مستقل بنيادن تي برقرار رکڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، جيئن عوام کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميه عوامي ڀلائي جي منصوبن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ سڀني بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدمن جو سلسلو جاري رکيو ويندو۔