وچ اوڀر جي آسمان تي جنگ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سڌي فوجي ڇڪتاڻ ۽ ان ۾ آمريڪا جي کليل مداخلت دنيا کي هڪ نئين غير يقيني دور ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. هي جنگ رڳو ميزائلن ۽ بمبار جهازن تائين محدود ناهي رهي، پر ان جا اثر عالمي معيشت جي رڳ رڳ ۾ محسوس ٿي رهيا آهن. پاڪستان جهڙي اڳ ئي ڪمزور معاشي حالت رکندڙ ملڪ لاءِ هي صورتحال ڪنهن معاشي طوفان کان گهٽ ناهي.
جنگ شروع ٿيندي ئي عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن باهه وٺي ڇڏي آهي. خام تيل جي قيمت 80 ڊالر في بيرل کان مٿي نڪري وئي آهي، جڏهن ته ايل اين جي جي اگهن ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي. پاڪستان، جيڪو توانائي لاءِ وڏي حد تائين درآمدي تيل تي ڀاڙي ٿو، ان لاءِ هي واڌ هڪ وڏو ڌڪ آهي. تيل مهانگو ٿيندو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌندا، ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌندا ۽ ان سان گڏ هر شيءِ مهانگي ٿيندي. مطلب ته جنگ جو بار آخرڪار پاڪستاني عوام جي کيسي تي پوندو.
هن عالمي ڇڪتاڻ جو اثر پاڪستان جي مالي مارڪيٽن تي به ظاهر ٿيو آهي. مارچ 2026ع جي شروعات ۾ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخ جي وڏي ٻڏتر ڏسڻ ۾ آئي، جتيKSE-100 انڊيڪس هڪ ئي ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 16 هزار پوائنٽس هيٺ اچي ويو. سيڙپڪارن جي بي اعتمادي ۽ عالمي غير يقيني صورتحال پاڪستان جي معاشي ڪمزوري کي وڌيڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
پر شايد سڀ کان وڏو خطرو ”آبناءِ هرمز“ جي بندش آهي. هي سامونڊي رستو دنيا جي تيل جي فراهمي لاءِ حياتيءَ جي رڳ وانگر آهي. جيڪڏهن ايران جنگي دٻاءَ ۾ اچي هن رستي کي بند ڪري ٿو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي سخت متاثر ٿيندي. پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ ان جو مطلب صاف آهي: تيل جي کوٽ، بجلي جو بحران ۽ صنعتن جي ڦيٿي جو بيهجي وڃڻ.
هن جنگ جو هڪ ٻيو پاسو پاڪستان جي سيڪيورٽي سان پڻ جڙيل آهي. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڊگهي سرحد آهي، جنهن ڪري خطي ۾ ڪنهن به قسم جي فوجي ڇڪتاڻ جا اثر پاڪستان جي مغربي علائقن تائين پهچي سگهن ٿا. پاڪستان کي سفارتي طور به هڪ ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جتي هڪ طرف ايران پاڙيسري ملڪ آهي ته ٻي طرف سعودي عرب ۽ خليجي ملڪن سان پاڪستان جا ويجها لاڳاپا آهن. اهڙي حالت ۾ اسلام آباد کي انتهائي محتاط ۽ متوازن پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي.
اندروني طور تي به هن جنگ جا اثر نظر اچي رهيا آهن. ايران جي مذهبي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن تي حملن جي خبرن کان پوءِ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ٿيا آهن. اهڙيون حالتون ملڪ جي امن امان لاءِ هڪ نئون چئلينج بڻجي سگهن ٿيون.
ٻئي طرف خليجي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ لکين پاڪستانين جو روزگار پڻ هن جنگي ڇڪتاڻ سبب خطري ۾ اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن وچ اوڀر جي معيشت متاثر ٿئي ٿي ته پاڪستان ڏانهن ايندڙ پرڏيهي ناڻي (Remittances) ۾ به گهٽتائي اچي سگهي ٿي، جيڪو اڳ ئي بحران جو شڪار معيشت لاءِ هڪ وڏو ڌڪ هوندو.
حقيقت اها آهي ته پاڪستان هن وقت هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي جتي عالمي جنگي ڇڪتاڻ جا سڌا اثر ان جي معيشت ۽ استحڪام تي پئجي رهيا آهن. مهانگائي، توانائي جي کوٽ، روپئي جي قدر ۾ لاٿ ۽ سيڪيورٽي خدشا گڏجي هڪ نئين بحران جي تصوير پيش ڪري رهيا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو سفارتي سطح تي فعال ڪردار ادا ڪري ۽ خطي ۾ جنگ بندي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪري. ساڳئي وقت ملڪ کي توانائي جي متبادل ذريعن، معاشي استحڪام ۽ اندروني هم آهنگي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ڇو ته جيڪڏهن وچ اوڀر جي هي باهه وڌيڪ ڀڙڪي ٿي ته ان جي تپش صرف جنگي ميدانن تائين محدود نه رهندي، پر پاڪستان جي هر گهر تائين پهچي سگهي ٿي.
0 تبصرے