ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي

گڏجاڻي ۾ ٿرپارڪر ۾ 13 اپريل کان پوليو کان بچاءُ واري مهم جي تيارين، مائيڪرو پلان سميت ٻين انتظامن جو جائزو

ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي

مٺي (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي سندس آفيس ۾ ٿي.گڏجاڻي ۾ ٿرپارڪر ۾ 13 اپريل کان پوليو کان بچاءُ واري مهم جي تيارين ، مائيڪرو پلان سميت ٻين انتظامن جو جائزو ورتو ويو. گڏجاڻي ۾ ڊي سي ٿرپارڪر مهم جي حدف جي حاصلات لاءِ سمورن گهربل انتظامن سميت مائيڪرو پلان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڊي سي چيو ته پوليو کان بچاءُ واري مهم جي ڪوريج تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.هن چيو ته ضلعي انتظاميه ۽ صحت کاتي جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ 1999 کان ٿرپارڪر کي پوليو کان پاڪ ضلعي جي حيثيت حاصل آهي جيڪو هڪ سٺو سوڻ آهي.هن هدايت ڪئي ته مهم دوران ڪو به مسئلو هجي ته واسطيدار اسسٽنٽ ڪمشنر سان ترت رابطو ڪيو وڃي جڏهن ته مهم دوران ڪوتاهي جي ڪابه گنجائش ناهي.گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جي پوليو کان بچاءَ واري مهم جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ڀرت ڪمار سوني بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ 13 اپريل پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ٿي رهي آهي جيڪا 16 اپريل تائين جاري رهندي. ضلعي جي ستن تعلقن جي ڪل 71 يونين ڪائونسلن جي ڪل 3 لک 17 هزار 171 پنجن سالن تائين جي ڄمار جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو اهي ۽ ان حدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪل 1384 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جن ۾ 1248 گشتي،72 مقرر ٽيمون جڏهن ته ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن سميت بس اڏن ۽ رش واران علائقن ۾ 64 ٽيمون مقرر هونديون مهم جي نگراني لاءِ 289 علاقائي انچارج هوندا جيڪي مهم جي سو ڪوريج کي يقيني بنائيندا.ڊي سي ڏنل بريفنگ تي اطمنيان جو اظهار ڪندي پوليو کان بچاءُ واري مهم کان اڳ جاڳرتا مهم ۽ ويليڊيشن جو عمل شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته سرحدي علائقن ۽ مدرسن جي شاگردن سميت سمورن پنجن سالن تائين جي ڄمار وارن ٻارڙن کي ڪور ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به پنجن سالن تائين جي ڄمار وارو ٻارڙو پوليوکان بچاءُ وارا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي.گڏجاڻي ۾ سمورن واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي