اجلاس ۾ موجود سٽي بورڊ جي ميمبرن ايجنڊائن تي تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ ضلعي تنظيم جي هر فيصلي تي لبيڪ چوڻ جو عزم ورجايو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سٽي عمرڪوٽ جي اهم اجلاس ۾ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين يومِ شهادت جي حوالي سان ڀرپور تيارين جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته شهر ۾ تازو ٿيل ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار جو صلح ڪرائڻ ۽ متاثر خاندانن کي واپس گهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس جي ڪارروائي تلاوتِ ڪلام پاڪ سان شروع ڪئي وئي ۽ شهيدن لاءِ خاص دعا گهري وئي، ان کان پوءِ گذريل ميٽنگ جي ڪارروائي تي بحث ڪري ان جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ موجود سٽي بورڊ جي ميمبرن ايجنڊائن تي تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ ضلعي تنظيم جي هر فيصلي تي لبيڪ چوڻ جو عزم ورجايو، اجلاس ۾ اعلان ڪيو ويو ته 4 اپريل تي پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀريندا ۽ خراجِ عقيدت پيش ڪندا، شرڪت ڪندڙن ضلعي عمرڪوٽ جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي خاص طور تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، ايم اين اي صبا ٽالپر، نواب تيمور خان ٽالپر، سائين امير علي شاهه، سائين سرفراز علي شاهه، سينيٽر پونجو مل ايڊووڪيٽ، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي چيئرمين خالد سراج سومرو، ضلعي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي، ضلعي وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري، ضلعي سينئر نائب صدر برھان الدين ڪنڀر، انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گھنشام داس بجير، سٽي صدر عبدالله کوسو، جنرل سيڪريٽري چيتن گوئيل، ۽ ھاري ڪميٽي جي صدر واحد بخش سمون سميت ٻين اڳواڻن جو ٿورائتو اظهار ڪيو، اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته اڳواڻن جي ڪوششن سان سولنگي برادري جي متاثر خاندانن کي سندن گهرن ڏانهن بحفاظت منتقل ڪيو ويو، گرفتار ٿيل ماڻهن جون ضمانتون ڪرايون ويون ۽ ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ به موثر قدم کنيا ويا، ان عمل کي ضلعي سطح تي اهم پيش رفت قرار ڏنو ويو، اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته پارٽي جو پيغام گهر گهر تائين پهچايو ويندو ۽ هر موڙ تي پارٽي جو دفاع ڪيو ويندو، اجلاس ۾ برھان الدين ڪنڀر، ڊاڪٽر گھنشام داس بجير، عبدالله کوسو، چيتن گوئيل، واحد سمون، اسد جماڻي، ٽيڪم داس مالھي، عبدالغفور رند، جگمال مالھي، ڪانجي مل، شوڏان ڪولھي ۽ شڪيل ڪنڀار سميت ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا.
0 تبصرے