ملير ضلعي ۾ سماج سڌارڪ ساجد غلام جوکيو پاران 800 ماڻهن لاءِ افطار جو اهتمام

مراد ميمڻ هاشم جوکيو ڳوٺ چوڪنڊي قبرستان لڳ افطار دسترخوان جو اهتمام ڪيو ويو

ملير ضلعي  ۾ سماج سڌارڪ  ساجد غلام جوکيو پاران 800 ماڻهن لاءِ افطار جو اهتمام

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي نالي واري سماجي اڳواڻ ساجد غلام جوکيو رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ مختلف ڳوٺن جي غريب ۽ پورهيت ماڻهن لاءِ گذريل پنجن سالن کان لاڳيتو روزانو افطار دسترخوان لڳائي هڪ بهترين مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي۔ان سلسلي ۾ هن سال به مراد ميمڻ هاشم جوکيو ڳوٺ چوڪنڊي قبرستان لڳ باقاعدگي سان افطار دسترخوان جو اهتمام ڪيو پيو وڃي جتي ڀرپاسي جي ڳوٺن مان روزانو لڳ ڀڳ 800 غريب اچي روزو افطار ڪن ٿا۔ افطار لاءِ برياني، ماني، ميوا، کجور، شربت ۽ ٻيون خوراڪ جون شيون فراهم ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن روزيدار عزت ۽ احترام سان افطار ڪري سگهن۔ميڊيا سان ڳالهائيندي ساجد غلام جوکيو چيو ته افطار دسترخوان جو انتظام ظاهر ۾ هڪ ڏکيو ۽ وڏو ڪم لڳي ٿو، پر جيڪڏهن نيت الله جي رضا لاءِ هجي ته الله پاڻ ئي آسانيون پيدا ڪري ٿو۔ هن ٻڌايو ته شروعات ۾ صرف سئو کان ٻه سئو ماڻهو ايندا هئا، پر هاڻي اهو انگ وڌي 800 تائين پهچي ويو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته علائقي ۾ ضرورتمند ماڻهن جو انگ ڪافي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته هن فلاحی ڪم دوران ڪيترن مسئلن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن ۾ روزانو راشن جي خريداري، کاڌي جي تياري، صفائي سٿرائي، ويهڻ جا انتظام ۽ سيڪيورٽي جهڙا معاملا شامل آهن۔ پر ڪجهه مخلص دوستن جي سهڪار ۽ رضاڪارن جي محنت سان هي سلسلو سٺي نموني جاري آهي۔ علائقي واسين هن قدم کي ساراهيندي چيو ته ضلع ملير ۾ هي واحد مستقل ۽ منظم افطار دسترخوان آهي جيڪو لڳاتار پنجن سالن کان جاري آهي ۽ هر سال ان جو دائرو وڌندو پيو وڃي۔