ڪراچي (رپورٽرز وٽان) ايران تي حملن خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، گهگهر، ميرواهه گورچاڻي، گلاب لغاري ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف نعريبازي، گهگهر جي مرڪزي امام بارگاهه مدينته العلم اڳيان آمريڪا جي جارحيت خلاف مذهبي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي، مظاهرين آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي مولوي منصور علي روحاني، جان محمد جاني، ناصر مولائي، گلزار لاشاري، رستم ميراڻي، علي ٻٻر، فياض اتيرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عالمي سطح تي طاقت جو بيجا استعمال عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنائي جي قيادت کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، جيڪو مشڪل حالتن ۾ به پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهيو، هنن چيو ته مسلمان ملڪن کي باهمي اتحاد، يڪجهتي ۽ سفارتي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن امت کي درپيش مسئلن جو گڏيل حل ڳولي سگهجي، سندن چوڻ هو ته عالمي تڪرارن جو حل جنگ نه پر ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ممڪن آهي، تنهن ڪري عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم رهي هنن مطالبو ڪيو ته عالمي قوتون خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ بدران امن کي فروغ ڏين.آمريڪي ۽ اسرائيل جي جارحيت خلاف ۽ ايران تي ٿيندڙ حملن سميت ايران جي سپريم ليڊر شهيد آيت الله سيد علي خامنائي جي شهادت خلاف جھلوري ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ احتجاج جي اڳواڻي چيئرمين هادي بخش لاشاري ڪئي، جڏهن ته مظاهري ۾ مير هزار خان مري، شان علي لاشاري، محمد ايوب لاشاري، سيد آفتاب علي شاھ، راڻا عبدالستار راجپوت، سميت علائقي جي غيور ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ مظاهري دوران شرڪت ڪندڙن آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت کي عالمي امن لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي ايران سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔ "سر ڏينداسين، پر سر نه جهڪائينداسين!" مظاهري جي آخر ۾ اڳواڻن چيو ته شهيد آيت الله سيد علي خامنائي ظلم، جبر ۽ استڪبار آڏو ڪڏهن به جهڪڻ قبول نه ڪيو، ۽ سندس قرباني آزادي، حق ۽ مزاحمت جي علامت بڻجي هميشه ياد رکي ويندي۔ گلاب لغاري ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي شهادت خلاف گلاب لغاري شهر ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ڪامريڊ اشرف لغاري ،نذير لغاري ،ڪامريڊ ڪريم لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ شريڪ سوين ماڻهن هٿن ۾ مطالبن جي مڃتا وارا پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ريلي پوليس چيڪ پوسٽ گلاب لغاري موڙ کان آمريڪا ۽ اسرائيل مرداباد جي نعرن جي گونج سان اگهم ڪوٽ لنڪ روڊ تي پهتي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل گڏيل منصوبه بندي تحت ايران تي بلا جواز حملو ڪري ايرانی ۾ پنهنجي مرضي جي حڪومت آڻڻ چاهين ٿا جنهن ڪري ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنائي سميت ڪيترن ئي اهم اڳواڻن کي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ جوڳو عمل ناهي
0 تبصرے