تاريخ جا ڪي ڏينهن ڪئلينڊر جا ورق نه، پر قومن جو شعور ليکيا ويندا آهن. چوٿين مارچ 1967ع اهڙو ئي ڏينهن آهي جڏهن حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال لڳ سنڌي شاگردن تي پوليس جي ٿيل لٺ بازي ۽ گرفتارين وارو واقعو سنڌ جي سياسي جاڳرتا، قومي خودداري ۽ مزاحمتي سڃاڻپ جي علامت بڻجي ويو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جن سياسي، سماجي ۽ ثقافتي اهنجن جو شڪار ٿي، انهن جو اثر آهستي آهستي هڪ گڏيل قومي احساس ۾ بدلجي رهيو هو. ڪراچيءَ کي 3 مئي 1948ع تي سنڌ کان الڳ ڪري گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ، قومپرست اڳواڻن جهڙوڪ سائين جي. ايم. سيد ۽ خان عبدالغفار خان کي نظربند ڪرڻ، پروڊا ۽ ايبڊو جهڙن قانونن وسيلي سياسي قيادت کي نااهل قرار ڏيڻ، اهي سڀ قدم مرڪزي بالادستيءَ جي تصوير پيش ڪندا رهيا.
1952ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو ٻوليءَ جي حق ۾ رت وهائڻ ۽ 22 فيبروريءَ جو سانحو، ننڍن صوبن جي دلين ۾ بيچينيءَ جو نئون باب کوليو. ون يونٽ ذريعي تاريخي صوبن جي سڃاڻپ ميسارڻ جي ڪوشش، ۽ پوءِ ايوبي آمريت ۾ سياسي آزاديءَ تي قدغن، سنڌ اندر محروميءَ جو احساس گهرو ڪري ڇڏيو. شريف ڪميشن جي پاليسين هيٺ سنڌي تعليم کي پرائمريءَ تائين محدود ڪرڻ، ڪتابن تي پابنديون، ڇاپخانا ضبط ڪرڻ، ۽ “سنڌ” لفظ لکڻ تائين تي بندشون، اهي سڀ عمل هڪ ثقافتي گهيري جي صورت اختيار ڪري ويا.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي هٽائڻ واري سازش شاگردن لاءِ چِنگاري ثابت ٿي. شاگردن ڪمشنر مسرور حسن کي ذميوار سمجهيو. 4 مارچ تي ڄامشوري مان نڪتل جلوس جڏهن حيدرآباد ڏانهن وڌيو ته ڄامشوري پل تي کين روڪيو ويو. پوءِ راجپوتانا اسپتال لڳ، پاڻيءَ جي دٻن واري ميدان تي، پوليس جو لاٺي چارج وارو حڪم اچي ويو.
اها رڳو لٺبازي نه هئي، اها رياستي طاقت ۽ شاگردي شعور جو ٽڪراءُ هئي. 307 شاگرد گرفتار ٿيا، ڪيترن جا مٿا ڦاٽا، شاگردن جو رت وهي رهيو هو، پر ان رت مان هڪ نئون عزم به جنم وٺي رهيو هو.
گرفتار شاگردن ۾ يوسف لغاري، عبدالرحيم سمون، مسعود نوراني، يوسف ٽالپر، لياقت جتوئي، ڄام ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. عدالتن ۾ انهن جو دفاع رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي سينيئر ۽ محمد ميمڻ جهڙن وڪيلن ڪيو. عدالتن جي ڪمرو به اُن جدوجهد جو تسلسل بڻجي ويو.
چوٿين مارچ جو اثر فقط اُن ڏينهن تائين محدود نه رهيو. هن واقعي شاگردن ۾ قومي سڃاڻپ جو روح ڦوڪيو. اهو ڏينهن سنڌ ۾ منظم قومپرست سياست جي بنيادي پٿر طور ڏٺو وڃي ٿو. سياسي پارٽين جي قيام، شاگرد تنظيمن جي مضبوطي، ۽ فڪري تحريڪن جي واڌ ويجهه انهن سڀني ۾ 4 مارچ جي چڻنگ محسوس ٿئي ٿي.
ان ماحول ۾ اديب ۽ شاعر جهڙوڪ شيخ اياز، قلمي مزاحمت جا علمبردار بڻيا، جڏهن ته سياسي محاذ تي سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ جدوجهد ۾ سرگرم رهيا.
هي ڏينهن هر سال ملهايو وڃي ٿو، پر اصل سوال اهو آهي، ڇا اسان اُن جذبي کي به ساڳيءَ شدت سان زنده رکيو آهي؟
چوٿين مارچ بابت ڪيترائي اهم ڪتاب ۽ دستاويز موجود آهن. طارق اشرف سهڻي رسالي جو “4 مارچ نمبر” شايع ڪري هن واقعي کي تاريخي دستاويز بڻايو. بعد ۾ “چار مارچ ۽ سنڌي جوڌا” ڪتاب ۾ اکين ڏٺن واقعن ۽ تقريرن کي محفوظ ڪيو ويو. يوسف لغاريءَ جا تفصيلي مضمون ۽ انٽرويو، جيڪي مختلف اشاعتن ۾ ڇپيا ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ آيا، اُن دور جي سياسي سچائيءَ جو بيباڪ جائزو پيش ڪن ٿا. پروفيسر اعجاز قريشي جو “4 مارچ ۽ سنڌي شاگرد جدوجهد” به هن موضوع تي تحقيقي ڪم آهي.
اهي ڪتاب صرف يادگيريون نه آهن، اهي شعور جا دستاويز آهن جن ۾ اُن دور جي بيچيني، بهادري ۽ بصيرت گڏ ٿيل آهي.
اڄ جڏهن اظهار جي آزادي، تعليمي حقن ۽ صوبائي خودمختياريءَ بابت بحث جاري آهن، چوٿين مارچ جو پيغام وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿو. هي ڏينهن سيکاري ٿو ته شاگرد صرف نصاب جا پابند نه هوندا آهن، اهي سماج جي مستقبل جا معمار هوندا آهن. جڏهن هو سچ لاءِ بيهن ٿا، تڏهن تاريخ سندن پاسي بيهي ٿي.
چوٿين مارچ 1967ع جو واقعو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته قومن جي تقدير رڳو حڪمرانن جي فيصلي سان نه، پر باشعور نوجوانن جي جرئت سان به لکجي ٿي. راجپوتانا اسپتال لڳ وهيل رت، سنڌ جي سياسي شعور کي نئون ساهه ڏنو ۽ اهو ساهه اڄ به سنڌ جي هوا ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
0 تبصرے