English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ دڪانن جي مالڪي واري تڪرار تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري, ڪپري ۽ ڪلر برادرين جي سڏ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
301 views
|
01st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ قبضا مافيا سرگرم آھي، ماڻھن جي گهرن ۽ دڪانن تي قبضا ڪيا پيا وڃن: مظاهرين
عمرڪوٽ(ڊ ر) ڪنري ۾ دڪانن جي مالڪي تان تڪرار مامرو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري، دڪانن تي قبضي جي ڪوشش ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف هڪ ڌر پاران وڏي احتجاجي ريلي، مظاهرو ڪري ڌرڻو، سخت نعريبازي. خبر موجب ڪنري جي عمرڪوٽ بس اسٽاپ تي لينڊ ڪميشن جي پلاٽ تي ٺھيل ٽن دڪانن جي مالڪي تان پٺاڻ ڌر جو ڪپري ۽ ڪلر برادري جي ڌرين ۾ شروع ٿيل تڪرار تاحال برقرار آھي ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آھي، جنھن بعد ڪپري ۽ ڪلر ڌر جي سڏ تي سماجي، شھري، قومپرست ڌرين پاران ٽيڪسي اسٽينڊ کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مک آمريڪن چوڪ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ريلي ۾ شريڪ ماڻھن قبضا خوري نامنظور ۽ انتظامي نااهلي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، اڳواڻ ناليواري وڪيل مير شھزاد ٽالپر، پير محمد ڪپري، محمد رمضان خاصخيلي، ارباب چانڊيو، الھڏنو ڪلر، ذوالفقار دلواڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ڪنري ۾ قبضا مافيا سرگرم آھي ماڻھن جي گهرن ۽ دڪانن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. گذريل ڏيڍ سال کان عمرڪوٽ بس اسٽاپ تي قائم ڪپري ۽ ڪلر ڌر جي ٽن دڪانن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پنج ڏينھن اڳ رات جي وقت بااثر ڌر سياسي پٺڀرائي ۽ پوليس جي مدد سان دڪانن جا تالا ٽوڙي اندر پيل سامان چوري ڪيو ۽ قبضي جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي سخت احتجاج ڪيو ويو ته بااثر ڌر جيھڙو ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو، هنن چيو ته دڪانون لينڊ ڪميشن جي پراپرٽي آھن جيڪي آئين ۽ قانون موجب ڪپري ۽ ڪلر ڌر وٽ آھن جيڪي سامهون ڌر ڦٻائڻ چاهي ٿي، ڪورٽن ۾ ڪيس پڻ اسان کٽي وياسين ان باوجود ڏاڍ مڙسي جي زور تي دڪانن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سموري صورتحال ۾ مقامي انتظاميا ۽ پوليس قبضا مافيا سان ٻُٽ بڻيل آھن. جيڪي ڳري رشوت عيوض دڪانن تي قبضو ڪرائي اسان جي روزي کسڻ چاهي ٿي، هنن وڌيڪ چيو ته ڪنري تعلقي ۾ ڪافي عرصي کان قبضا مافيا سياسي پٺڀرائي سان ماڻھن کي ھيسائي، ڍيڄاري ۽ ڌمڪائي بي گهر ۽ بيروزگار ڪري رهي آھي جيڪا لاقانونيت جي زنده مثال آھي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي تہ فوري طور قبضو ختم ڪرائي دڪانون ڪپري ۽ ڪلر ڌر جي حوالي ڪيون وڃن ۽ سندس ڌر جي ماڻھن مٿان داخل ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪپري ۽ ڪلر برادرين جي سڏ ريلي
ڪنري ۾ دڪانن جي مالڪي واري تڪرا
0 تبصرے