جرڳي ۾ برهان چانڊيو، طارق انور سيال، عدنان الطاف انڙ ، محمد علي ٻگھيو ۽ ٻيا به موجود
باقراڻي (رپورٽر ) ٻگهيا هائوس نئين گڏ ۾ اڳوڻي ايم پي اي حزب الله خان ٻگهيو جي سرپئنچي ۾ 7 ميهنا اڳ قتل ٿي ويل پئ پٽ جي خونن جو فيصلو ، چانڊيا ڌر مٿان 50 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو ، فيصلي ۾ پ پ ايم اين اي سردار نظير احمد ٻگھيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو، پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، پ پ اڳواڻ عدنان الطاف انڙ ، محمد علي ٻگھيو، رئيس مظفر چانڊيو، ارشاد علي ٻگھيو، فياض حسين ميهسر ،حاڪم علي گهمرو، مولوي محمد عيسي سهڙو،آريجا ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين احمد علي سهڙو، مسعود احمد چانڊيو، احمد علي چانڊيو سميت چانڊيا ۽ سهڙا برادري جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. رپورٽ موجب : 7 مهينا اڳ باقراڻي لڳ ڦر مزاحمت دوران قتل ٿي ويل ڳوٺ ڪنڌرا سهڙا واسي پيرسن حافظ عبدالقادر سهڙو ۽ سندس نوجوان پٽ فاروق سهڙو جي خونن جو فيصلو اڳوڻي ايم پي اي حزب الله خان ٻگهيو جي سرپئنچي هيٺ ٻگهيا هائوس نئين گڏ ۾ ٿيو، فيصلي ۾ پ پ ايم اين اي سردار نظير احمد ٻگھيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو، اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي سهيل انور سيال جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، ايم پي اي عادل الطاف انڙ جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ عدنان الطاف انڙ ، پ پ ضلعي لاڙڪاڻي اڳواڻ محمد علي ٻگھيو عرف امر خان ٻگھيو ، يوسي مڏباهو چئيرمين رئيس مظفر خان چانڊيو، پ پ اڳواڻ ارشاد علي ٻگھيو، فياض حسين ميهسر ،حاڪم علي گهمرو، مولوي محمد عيسي سهڙو،آريجا ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين احمد علي سهڙو، مسعود احمد چانڊيو، احمد علي چانڊيو سميت چانڊيا ۽ سهڙا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ويون، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل چانڊيا ڌر مٿان ٻنهي پي پٽ جي خونن جو مجموعي طور تي 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، فيصلي جي فتوي ٻڌائي وئي ته چانڊيا ڌر ٻن ڏينهن جي مهلت بعد ڏنڊ جي 50 لک رقم ميڙ سان گڏ ڏيڻ جي پابند هوندي، جڏهن قتل الزام هيٺ آيل ٽئين جوابدار شاهنواز جتوئي جي ڌر فيصلي ۾ نه آئي اهو فيصلو جتوئي ڌر سان رهيل آهي، آخر ۾ دعا خير پڻ گهري وئي، ياد رهي ته 7 مهينا اڳ باقراڻي ٿاڻي جي حد ڪنبي لاڙي ڀرسان لاڙڪاڻو موئن جو دڙو روڊ تي هٿياربند ڦورن هٿان صبو جو سوير ڀاءُ کي علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويندڙ ڳوٺ ڪنڌرا سهڙا واسي پيرسن حافظ عبدالقادر سهڙو ۽ سندس نوجوان پٽ فاروق سهڙو ڦر مزاحمت دوران ڏنڊا لڳڻ سبب فوت ٿي ويا هئا، اھڙي واقعي بعد باقراڻي پوليس جي نگراني هيٺ کوجي ڪتن ذريعي جوابدارن جا پيرا کنيا ويا جيڪي ڳوٺ گنجا تنيا ڀرسان انبن جي باغ ۾ لڳا جتان پوليس شڪ جي بنياد تي ٽن ڄڻن شمن چانڊيو، ضمير چانڊيو ۽ شاهنواز جتوئي کي پڻ گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جيڪي هن وقت ٽئي جوابدار لاڙڪاڻي جيل ۾ قيد آهن
0 تبصرے