عمرڪوٽ: کاروڙو چارڻ ۾ يتيم نياڻي سان مبينه زيادتي

اشوڪ ڪمار ۽ رميش ڪمار کيس مبينه ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو: متاثره نياڻي

عمرڪوٽ: کاروڙو چارڻ ۾ يتيم نياڻي سان مبينه زيادتي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاروڙو چارڻ ۾ هڪ يتيم نياڻي ببلي اوڏ سان مبينه زيادتي واري سنگين واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جڏهن ته ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، متاثره نياڻي ببلي اوڏ الزام لڳايو آهي ته اشوڪ ڪمار ۽ رميش ڪمار کيس مبينه ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو، واقعي بعد متاثره ڌر جو چوڻ آهي ته پوليس طرفان 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ نه ئي فوري طور ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو، متاثر ڌر موجب مبينه واقعي کان پوءِ جوابدار ڌر طرفان سندن گهر تي حملو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ مردن سميت ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿيا، جڏهن ته هڪ عورت کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ۽ مبينه زيادتي جو نشانو بڻيل ناري ببلي جي پاڙيسري ڪمال هنڱورجو پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته رات جو رڙيون ٻڌي هو واقعي واري هنڌ پهتو ته اشوڪ ڪمار ۽ رميش ڪمار فرار ٿي ويا، هن چيو ته جڏهن هو نياڻي کي پنهنجي گهر وٺي آيو ته ببلي سان مبينه ڏاڍائي ڪندڙ نوجوان ۽ سندن وارثن هٿياربند ٿي حملو ڪيو، جنهن ۾ سندس ڀاڻيجي سميت گهر ڀاتين کي ڌڪ لڳا، هن وڌيڪَ الزام لڳايو ته هو رات 3 وڳي تائين ٿاڻي تي ويٺا رهيا، پر پوليس کين ميڊيڪل ليٽر جاري نه ڪيو، جڏهن ته مخالف ڌر کي فوري سهولت فراهم ڪئي وئي، بعد ۾ صبح جو زخمين ۽ متاثر نياڻي لاءِ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو، جنهن بعد سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ ٽيسٽون ڪرايون ويون، جتان ڊاڪٽرن ابتدائي رپورٽ ۾ زيادتي جو شڪ ظاهر ڪيو، ٻئي طرف مبينه الزام ھيٺ آيل نوجوان جي والد پرائمري استاد ڪمرو اوڏ ۽ ڀورا لعل پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي الزام رد ڪندي چيو ته سندن خاندان جو واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، اصل جوابدار کي لڪايو پيو وڃي، ھن چيو ته ڪمال الدين ھنڱورجو جي ڀيڻ کي ھن معاملي جي خبر آھي، ان معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي اسانکي ۽ متاثر ڌر کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.