عمرڪوٽ ۾ ڌرتي جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب منعقد

ماحولياتي مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار، گڏيل عمل جي ضرورت تي زور

عمرڪوٽ ۾ ڌرتي جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب منعقد

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ڌرتيءَ جي ڏينهن تي عوامي آواز، “عمرڪوٽ مان اسان گڏيل آواز سان چئون ٿا ته توانائي، پاڻي ۽ صاف ماحول بنيادي انساني حق آهن، نه ڪي مراعتون”، مقررِين، عمرڪوٽ، ايسوسيئيشن فار واٽر، اپلائيڊ ايجوڪيشن اينڊ رنيوئبل انرجي (اويئر) طرفان عالمي ڌرتيءَ جي ڏينهن جي موقعي تي عمرڪوٽ ۾ هڪ اهم ۽ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ماحولياتي مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل عمل جي ضرورت تي زور ڏنو ويو۔ هن سال جو عالمي موضوع “Our Power, Our Planet” پڻ تقريب جو مرڪزي نقطو رهيو، مقررِين چيو ته ضلع عمرڪوٽ هن وقت ڪيترن ئي ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن ۾ غير يقيني بجلي، پاڻيءَ جي کوٽ، موسمياتي تبديلي جا وڌندڙ اثر، ۽ پلاسٽڪ جي آلودگي شامل آهن، هنن زور ڀريو ته ماحوليات جو تحفظ رڳو پاليسي جو معاملو نه، پر عوامي صحت، انساني وقار ۽ بنيادي حقن سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي، شفيع الله راجڙ، ميمبر ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ، بجلي جي صورتحال تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته شهري علائقن ۾ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو گهر گرڊ سان ڳنڍيل آهن، جڏهن ته ديهي علائقن ۾ هي شرح صرف لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين بجلي کان محروم آهن، هن وڌيڪ چيو ته شهري علائقن ۾ ڪنيڪشن هجڻ باوجود به بجلي جي فراهمي باقاعدي ۽ ڀروسي جوڳي ناهي، جيڪا شهري ۽ ديهي فرق کي چٽي نموني ظاهر ڪري ٿي، ھن پاڪستان پاورٽي اليويئيشن فنڊ (PPAF) جي سهڪار سان تيار ڪيل ڪميونٽي منصوبن جو افتتاح ڪيو، جن ۾ ٻوڏ کان بچاءَ جا بندوبست، رستا، سولر اسٽريٽ لائيٽس ۽ وڻڪاري مهم شامل آهن۔ هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مضبوط انفراسٽرڪچر سان گڏ ماحولياتي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔ هن منصوبن جي فني معيار کي ساراهيو ۽ برادري کي اپيل ڪئي ته اهي انهن سهولتن کي پنهنجو سمجهي سنڀال ڪن، ڇو ته اهي ٻوڏ ۽ موسمياتي خطرن خلاف پهرين دفاعي ديوار آهن، ڪلثوم سنڌو، عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪن، چيو ته عمرڪوٽ انهن علائقن مان آهي جيڪي موسمياتي تبديلي کان گهڻو متاثر ٿيا آهن، پر حڪومتي ۽ عالمي سطح تي ان کي گهربل اهميت نه ملي، رهي آهي، هن زور ڏنو ته برادرين کي مضبوط بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن، ۽ صاف توانائي، محفوظ پاڻي ۽ صحتمند ماحول هر انسان جو بنيادي حق آهي راجاب علي سمجيو ريسٽورنگ سوشل سروسز اينڊ ڪلائيميٽ ريزيلينس (RSS&CR) منصوبي جي اهميت بيان ڪندي چيو ته PPAF جي مالي سهڪار سان تيار ٿيل محفوظ رستا، ٻوڏ کان بچاءَ جا نظام ۽ سولر توانائي تي ٻڌل سهولتون ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي لڪير آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته انفراسٽرڪچر ۾ قابلِ تجديد توانائي ۽ ماحولياتي تحفظ کي شامل ڪرڻ سان ئي اسان پائيدار ۽ محفوظ مستقبل ڏانهن وڌي سگهون ٿا، سماجي ڪارڪن نصرت قمبراڻي منصوبي جي صنفي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته سولر بتيون لڳل رستا خاص طور هنگامي حالتن ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ وڌيڪ تحفظ ۽ آساني پيدا ڪن ٿا، مقامي برادري جي نمائندي پنجو مل پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اڳ مون سون جي موسم ۾ هر وقت خوف رهندو هو، پر هاڻي پلن، رستن ۽ سولر روشني سبب رات جي وقت به آساني سان اچ وڃ ممڪن ٿي وئي آهي، جنهن سان کين وڏي راحت ملي آهي، تقريب جي آخر ۾ وليج آرگنائيزيشنز (VOs) کي اپيل ڪئي وئي ته اهي انهن منصوبن جي سنڀال ۽ حفاظت جي ذميواري پاڻ سنڀالين، ته جيئن انهن جا فائدا ڊگهي عرصي تائين جاري رهي سگهن۔