English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ جيالن پاران نوڪرين ۾ پهنجا نوازي خلاف احتجاجي مظاهرو
128 views
|
22nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
مقصود گبول، اميد علي گبول ۽ ستار ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ بيروزگار تعليم يافته نوجوانن مقصود گبول، اميد علي گبول ۽ ستار ڪلمتي جي اڳواڻي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان سرڪاري نوڪرين ۾ مبينا اقرباپروري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي “نوڪرين ۾ انصاف ڪيو”، “بيروزگارن کي روزگار ڏيو” ۽ “سفارشي ڀرتيون نامنظور” جهڙا نعرا لکيل هئا.مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته هميشه وانگر پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ جيالن کي نظرانداز ڪري وڏيرن، جاگيردارن ۽ من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون آهن. مظاهرين چيو ته چونڊن دوران ايم اين اي ۽ ايم پي اي روزگار ڏيڻ جا واعدا ڪندا آهن، پر پوءِ پنهنجن واعدن تان ڦري ويندا آهن.احتجاج دوران مظاهرين ملير جي پارٽي قيادت خلاف به سخت نعريبازي ڪئي ۽ مبينا طور نوڪرين ۾ ناانصافي جا الزام لڳايا، گڏوگڏ انهن جي پاليسين کي رد ڪري ڇڏيو.مظاهرين وڌيڪ چيو ته غريب عوام پيپلز پارٽي کان اميد رکي ٿو ته کين روزگار ملندو، پر مبينا طور تي نوڪريون پيسن عيوض ۽ من پسند ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن، جيڪو بيروزگار نوجوانن سان سراسر ناانصافي آهي.احتجاج ڪندڙن پارٽي قيادت بلاول ڀٽو زرداري، سيد مراد علي شاهه ۽ فريال ٽالپر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي مبينا ڪرپشن ۽ غير شفاف ڀرتين جي جاچ ڪرائي وڃي.مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بيروزگار نوجوانن کي سندن حق نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ جيالن پاران نوڪرين ۾
0 تبصرے