English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: هڪ ساله تربيتي پروگرام بابت گرين انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي ۾ ورڪشاپ
213 views
|
20th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ورڪشاپ عورتن جي فني تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ اينگرو پاڪ ۽ اين ايل جي پاران ڪوٺايو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عورتن جي فني تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ اينگرو پاڪ ۽ اين ايل جي پاران هڪ ساله تربيتي پروگرام بابت گرين انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي ۾ اهم آگاهي ورڪشاپ منعقد ڪئي ويو۔ پروگرام جو مقصد صنعتي ترقي سان گڏ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين روزگار لاءِ قابل بڻائڻ آهي۔ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي اينگرو پاڪ ۽ اين ايل جي جي ايڇ آر شعبي جي آفيسر خداداد خان چيو ته 18 کان 24 سال عمر واريون گريجوئيٽ ۽ بن قاسم ٽائون جون رهواسي عورتن لاءِ هي هڪ ساله تربيتي پروگرام بهترين موقعو آهي۔ هن ٻڌايو ته پروگرام تحت عورتن کي سيفٽي،آپريشنز،ميڪينيڪل،اليڪٽريڪل،ايڊمنسٽريشن ۽ ويئر هائوسنگ شعبن ۾ عملي تربيت ڏني ويندي، جنهن سان عورتن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا۔ ان موقعي تي گرين انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالرحمن جسڪاڻي اينگرو پاڪ ۽ اين ايل جي کي آڙان تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ بن قاسم ٽائون جي عورتن کي موقعو فراهم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني۔ هن اعلان ڪيو ته جي آءِ ٽي عورتن لاءِ تربيتي سهولتون، رهنمائي ۽ آگاهي ورڪشاپس جي انعقاد ۾ بغير معاوضي خدمتون فراهم ڪندو۔ ڊاڪٽر عبدالرحمن جسڪاڻي وڌيڪ چيو ته بن قاسم انڊسٽريل زون ۾ قائم ٻين صنعتي ادارن کي به اينگرو پاڪ ۽ اين ايل جي جي طرز تي محروم شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اهڙا تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن۔ هن چيو ته اهڙن قدمن سان نه رڳو صنعتي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، پر سماجي ترقي کي پڻ هٿي ملندي ۽ ملڪ ۾ بيروزگاري گهٽائڻ ۾ مدد ملندي۔ورڪشاپ دوران شرڪت ڪندڙن جا سوال پڻ ورتا ويا ۽ تفصيلي جواب ڏنا ويا۔ اينگرو پاڪ ۽ اين ايل جي جي فوڪل پرسن خداداد خان، جي آءِ ٽي انتظاميه جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته گرين انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي مستقبل ۾ به سماجي ترقي لاءِ هڪ اهم ريسورس سينٽر ثابت ٿيندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: هڪ ساله تربيتي پروگرام بابت
0 تبصرے