جتوئي ڀائرن سان حر بڻجي گڏ بيهڻ آيا آهيون: سيد راشد شاهه راشدي جو دريا خان مري ۾ جي ڊي اي جي جلسي کي خطاب

جلسي ۾ زين شاهه، غلام مرتضيٰ جتوئي، صفدر عباسي، معظم عباسي، رياض چانديو ۽ ٻيا شريڪ

جتوئي ڀائرن سان حر بڻجي گڏ بيهڻ آيا آهيون: سيد راشد شاهه راشدي جو دريا خان مري ۾ جي ڊي اي جي جلسي کي خطاب

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز جي علائقي دريا خان مري ۾ جي ڊي اي جا مرڪزي اڳواڻ ۽ قومپرست اڳواڻ جلسي گاھ ۾ پھچي ويا پير سائين پاڳاري جو فرزند جي جي ڊي اڳواڻ سيد راشد شاھ راشدي ايس يو پي سربراھ سيد زين شاھ نيشنل پيپلز پارٽي چيئرمين غلام مرتضي خان جتوئي صوبائي صدر مسرور خان جتوئي صفدر عباسي معظم عباسي حسنين مرزا جسم اڳواڻ رياض چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي گاھ پھتا جي ڊي اي اڳواڻن جو جلسي گاھ پھچڻ تي گلن جي ورکا سان ڀرپور استقبال ڪيو ويو گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پير سائين پاڳاري جي فرزند سيد راشد شاھ راشدي خطاب ڪندي چيو ته حر مجاھد پير پاڳاري جي حڪم تي ظالم کي للڪاري رھيا آھن اسان سنڌ جي حڪمرانن جي ھر رڳ کان واقف آھيون حڪمرانن کي ڪھڙي خبر ته دريا خان مري ۾ ڇا ٿي رھيو آھي سنڌ جا حڪمران چغلي خورن جي اشاري تي ھلن اسان سان قومپرست گڏ آھن جيڪي پاڪستان سان محبت ڪن ٿا ۽ پاڪستان کي گڏ ڪري ھلڻ چاھين ٿا ڪراچي ۾ سسٽم ھلي رھيو آھي جنھن جي سرپرستي موجوده صدر ڪري رھيو آھي پاڪستان ۾ انقلاب جي ضرورت آهي پاڪستان جي حڪومت ۾ غدار شامل ٿي ويا آهن جيڪي عوام سان ظلم ڪري رھيا آھن عزت زلت خدا پاڪ ڏني آھي پير پاڳاري جي ھدايت ڪئي تي غلام مرتضي خان جتوئي سان حر ٿي ساٿ ڏيو سنڌ جي شيرن کي گڏ ڪيو آھي ھڪ مھيني م سنڌ جا ٻارنهن شير گڏ ڪنداسين پوء خبر پوندي ته گدڙ ڪٿي ٿا لڪن ھر مھيني غلام مرتضي خان جتوئي جي جتوئي ھائوس تي ايندو۔ رھندس نيشنل پيپلز پارٽي جي مرڪزي چيئرمين غلام مرتضي خان جتوئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مغل ۽ ارغونن جي دور ۾ به اھڙو ظلم نه ھيو جھڙو ظلم پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي عوام سان ڪري رھي آھي اسان قانون ھٿ ۾ کڻڻ نه ٿا چاھيون اوھان کي شوق آھي ته منھنجو گھر ڊاھيو عوام ۽ ڪارڪنن سان ڇو ٿا ظلم ڪيو ميدان تي اچو ته خبر پوي ايس يو پي چيئرمين سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته مورو جي عوام سان وڏو ظلم ڪيو ويو لغاري برادري سان پڻ وڏو ظلم ڪيو ويو دريا خان مري ۾ پڻ غلام حيدر مري جا دڪان ڊاھي پٽ ڪيا ويا ۽ پيٽرول پمپ پڻ سيل ڪري انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي سيد زين شاھ چيو تہ سنڌ جي عوام سان ظلم ٿي رهيو غلام حيدر مري اڪيلو ناھي اسان ان سان گڏ آھيون ڪنھن تي به ظلم ٿئي برداشت نه ڪنداسين جي ڊي اڳواڻ حسنين مرزا خطاب ڪندي چيو ته ھي موجوده دور ۽ يزيدي حڪمراني ڏسي وٺو جيڪي سنڌ جا حقيقي وارث آھن اھي ھن ظلم خلاف گڏ ٿيا آھن سائين راشد شاھ راشدي جي کنيل وک سبب سنڌ م بغاوت جي لھر اٿي رھي آھي حسنين مرزا چيو ته سنڌ ڌرتي سنڌ جي عوام جي آھي سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ زيادتي لاء سيد راشد شاھ وک کنئين آهي جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف عوام اٿي کڙو ٿيو آهي دريا خان مري جي عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف سموري سنڌ گڏ ٿي آھي سيد راشد شاھ راشدي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ ظلم جو حساب ورتو ويندو